سون جي اگھه هوش اڏائي ڇڏيا، هڪ ئي ڌڪ ۾ وڏي واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ هر روز سون جي قيمت ۾ لاها چاڙها ٿيندا رهندا آهن ڪڏهن سون جي قيمت گھٽ ته ڪڏهن وڌي رهي آهي.

ان سلسلي ۾ اڄ ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ وڏي واڌ ٿي آهي.

سنڌ صرافه بازار جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت ۾ 2300 رپيا واڌ ٿي آهي جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ سون جو هڪ تولو قدر هڪ لک 19 هزار رپيا ٿي ويو آهي.

صرافا ايسوسيئيشن موجب 10 گرام سون جي قيمت هڪ هزار 972 رپيا واڌ کان پوءِ هڪ لک 2 هزار 23 رپيا ٿي وئي آهي.

ايسوسيئيشن موجب عالمي صرافا بازار ۾ سون جو قدر 29 ڊالر واڌ سان هڪ هزار 800 ڊالر في اونس آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.