کھڙا ، ڪوٽڙي ، کپرو ، گھوٽڪي ۽ بوابشاھ جون خبرون

کهڙا: عظيم صوفي بزرگ ميان چنيهه فقير جو ساليانو عرس

ڪوٽڙي: واٽرسپلاءَ  اسڪيم جي زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

کپرو ويجهو مبينا مقابلو،هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ ساٿي سميت گرفتار

گهوٽڪي جي جوڳ ماتا مندر مڙهي ۾ ماتا جو هڪ ڏينهن وارو ميلو

نواب شاهه: ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي نادرا انچارج جي ڏاڍائين خلاف احتجاج

1

کهڙا ۾ عظيم صوفي بزرگ ميان چنيهه فقير جو ساليانو عرس مبارڪ هرسال جيان هن سال به وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، درگاه جي گادي نشين ميان محمد علي اڄڻ. درگاه سچل سرمست جي سجاده نشين خواجه نظرالحق فاروقي ۽ ٻين درگاه جي مريدن سان گڏجي مزار تي چادر چاڙھي عرس مبارڪ جي تقريب جو افتتاح ڪيو. عرس جي تقريب ۾ ميان هشمت علي اڄڻ. ميان رزاق ڏني اڄڻ. ناليواري ليکڪ شاعر ،حليم الله سومري. ميان ياسين اڄڻ خاص مهمانن طور شرڪت ڪري صوفي بزرگ ميان چنيهه فقير کي ڀرپور لفظن سان ڀيٽا پيش ڪئي ، ان موقعي تي محفل نعت به ڪوٺائي وئي، ناليوارن نعت خوانن تاج محمد شيخ. حضور بخش گلال. لالڻ ميمڻ. عمران اڄڻ ۽ ٻين پڻ ثنا خواني ڪئي

2

ڪوٽڙي ۾قومي عوامي تحريڪ پاران سائيٽ ڪوٽڙي جي پوپٺ ڳوٺ واري علائقي ۾ واٽرسپلاءِ جي ٽانڪي جي خالي پيل زمين تي بااثرن پاران ڪيل مبينا قبضي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو،ان موقعي تي اڳواڻن عبدالستار لھر ـ مقصود جھتيال ـ علي احمد چانڊيو ۽ ٻين چيو ته ھڪ ته واٽرسپلاء جي اسڪيم ناڪار پيل آھي،  مٿان وري علائقي جي بااثر ماڻھن واٽرسپلاء اسڪيم جي خالي پيل زمين تي مبينا قبضو ڪري ڇڏيو آھي ، ھنن ڊي سي ڄامشورو ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته واٽرسپلاء اسڪيم جي زمين تي ٿيل قبضو ختم ڪرائي واٽرسپلاء اسڪيم کي فعال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو …..

3

کپرو ويجهو کاهي ٿاڻي جي حد ۾ کاڄڻي موري وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو جنهن ۾ کاهي پوليس موجب هڪ ڏوهاري غلام مصطفي عرف مستو ماڇي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، ان سان گڏ پريو مري کي به گرفتار ڪيو  ويو، ٻنهي ڏوهارين وٽان پسٽل ۽ گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن ايس ايڇ او کاهي محمد شريف جمالي موجب جوابدار مستو ماڇي تي ميرپورخاص عمرڪوٽ سميت مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل آهن، ٻئي پاسي زخمي   حالت ۾ اسپتال آندل مستو ماڇي موجب هو عمرڪوٽ جو رهواسي آهي،پوليس حراست ۾ رکڻ بعد گولي هڻي زخمي ڪيو آهي۔

4

گهوٽڪي جي جوڳ ماتا مندر مڙهي ۾ ماتا جو هڪ ڏينهن وارو ميلو ٿي گذريو , جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙچ کان هندو برادري جي عورتن مردن سميت ننڍن ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي , جڏهن ته مندر اندر کاڌي پيتي جو خاص انتظام ڪيو ويو , مندر اندر پوڄا پاٽ ڪري امن ۽ شانتي لاء دعائون پڻ ڪيو ويون , ان موقعي ته مندر اندر شيوادارين هيمن داس , نانڪ رام , راجيش ڪمار پنهوار , راج ڪمار راڪيش , راجا لڌو مل ۽ ٻين چيو ته هر سال ماتا جو هي ميلو ٿيندو آهي , جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙچ کان هندو برادري جا ماڻهون وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا آهن .

5

نوابشاھ  ڊسٽرڪٽ  بار پاران نادرا انچارج نوابشاھ  جي آفيسر نادر ڏاھري جي وڪيلن سان نازيبا لفظ استعمال ڪرڻ واري عمل خلاف اڄ سموري ضلعي جي ماتحت عدالتن ۾ عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ  ڪيو ويو، ڊسٽرڪٽ  بار جي صدر اياز علي گوپانگ  جنرل سيڪريٽري  علي رضا چنا جوائنٽ  سيڪريٽري  جي ايم خاصخيلي  وڪيلن مختيار رند رحيم لاشاري  ۽ ٻين جو چوڻ هو ته نادرا آفيسر نوابشاھ  نادر ڏاھري خلاف وڪيلن شڪايتون ڪيون آهن ته ھو وڪيلن سان نازيبا الفاظ  ڳالهائي ٿو جنهن سان وڪيلن جي وقار تي اثر پوي ٿو، هنن چيو ته اسان وڪيلن جي ھر فورم تي سھڪار لا۽ گڏ آھيون ، وڪيلن پاران عدالتي ڪم معطل رکڻ ڪري ڪيسن جي پيروي لا۽ ايندڙ سائيلين کي تاريخون ڏنيون  ويون ـ

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.