ڀارتي شوبز جي پاڪستان ۾ شوٽنگ

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۽ پاڪستان کي هڪٻئي جو مخالف ترين ملڪ سمجهيو ويندو آهي اهو ئي سبب آهي جو فلمي ستارا هجن توڙي ڪرڪيٽ جي راند ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ جو منظر پيش ٿيندو آهي.

جيتري مخالفت ٻنهي ملڪن ۾ سمجهي ويندي آهي حقيقت ۾ ايتري آهي به نه، پاڪستان توڙي ڀارت ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي هڪٻئي کي پنهنجو سٺو پاڙيسري ثابت ڪندا رهندا آهن، شوبز ستارا هجن يا بزنس شخصيتون توڙي مختلف ناليوارا ليکڪ ۽ اديب پاڪستان ۽ هندستان سان هڪ جيتري ئي محبت ڪندا آهن.

ان حوالي سان باليووڊ جي ناليواري اداڪارا سونم ڪپور جي مڙس ۽ ناليواري فيشن ڊزائنر آنند آهوجا پاڪستان جي شهر لاهور ۾ شوٽنگ ڪرڻ آيو.

تازو ئي آنند آهوجا طرفان پنهنجي ڪپڙن جي برانڊ ”ڀاني“ جو شوٽ لاهور جي علائقي علامه اقبال ٽائون جي روڊن تي ڪيو ويو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Bhaane (@bhaane)

فوٽو شوٽ جون تصويرون ڀاني جي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪيون ويون جنهن کانپوءِ اهي سوشل ميڊيا جي ايپز تي وائرل ٿي ويون.

آنند آهوجا جي فيشن برانڊ جي لاءِ پاڪستاني ماڊلز جي چونڊ ڪئي وئي، فيشن برانڊ طرفان ٻڌايو ويو ته انهن لاهور جي علائقي علامه اقبال ٽائون ۾ پنهنجا فوٽو شوٽ ڪيا ۽ شهر جي خوبصورتي انهن کي گهڻو متاثر ڪيو.

واضح رهي ته آنند آهوجا جو برانڊ ڀاني عورتن ۽ مردن جي لاءِ اولهه طرف جي لباس جو هڪ برانڊ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.