ون پلس جو فليگ شپ فيچرز سان ليس نئون فون پيش

ون پلس پنهنجو نئون مڊرينج سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جيڪو ڪنهن فليگ شپ فون کان گھٽ نه آهي.

ون پلس 9 آر ٽي اورجنل 9 آڙ کان وڌيڪ بهتر فون آهي جڏهن ته اهو ون پلس 9 کان به گھڻو مختلف آهي.

ون پلس 9 آر ٽي ۾ 6.62 انچن جي اموليڊ ڊسپلي ڏني وئي آهي جنهن ۾ 120 هرٽز ريفريش ريٽ ۽ 600 هرٽز ٽچڍ سيمپلنگ ريٽ سپورٽ موجود آهي.

اهو دنيا جو پهريون فون آهي جنهن ۾ 600 هرٽز سيمپلنگ ريٽ گيمنگ لاءِ ڏنو ويو آهي.

گيمنگ بابت ٻين فيچرز ۾ 4د هيپٽڪ فيڊ بيڪ ۽ فون ۾ مختلف هنڌن تي 3 واءِ فاءِ اينٽينا پوزيشنز آهن ته جيئن انٽرنيٽ متاثر نه ٿئي.

فوٹو بشکریہ ون پلس

فون جي اندر سنيپ ڊراگون 888 پراسيسر موجود آهي جنهن سان گڏ 8 کان 12 جي بي ايل پي ڊي ڊي آڙ 5 ريم ۽ 128 کان 256 جي بي يو ايف ايس 3.1 اسٽوريج موجود آهي.

ڪمپني موجب اسپيس ڪولنگ ڊوائيس سان 20 سيڪڙو گرمائش خارج ٿئي ٿي.

فون جي مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جي آهي جنهن لاءِ سوني آءِ ايم ايڪس 786 سينسر استعمال ڪيو ويو آهي جيڪو ڪمپني جي فليگ شپ فونز ون پلس 9 ۽ 9 پرو ۾ به موجود آهي.

ان ڪيمرا جو 1/1.56 انچ سينسر آپٽيڪل اميج اسٽيبلائيزيشن (او آءِ ايس) سان ليس آهي جيڪو اوندهه ۾ سٺي تصوير ڪڍڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو.

ان کان سواءِ 16 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ اينگل ۽ 2 ميگا پڪسل مائڪرو ڪيمرا به ان سيٽ اپ جو حصو آهي.

فوٹو بشکریہ ون پلس

فون جي فرنٽ تي 16 ميگا پڪسل ڪيمرا سيلفي ڪڍڻ لاءِ ڏني وئي آهي.

ڊوائيس ۾ 4500 ايم اي ايڇ بيٽري 65 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ فراهم ڪري ٿي.

ٻين نمايان فيچرز ۾ ڊسپلي ۾ لڳل فنگر پرنٽ سينسر، ڊولبي ايٽموس سپورٽ سان گڏ اسٽيريو اسپيڪرز، 5 جي سپورٽ، ڊوئل سم، واءِ فاءِ 6، بلوٽوٿ 5.2 ۽ اين ايف سي موجود آهن.

ان فون کي سڀ کان اڳ چين ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي جتي ان جي قيمت 3300 يو آن (87  هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.