عمران خان صورتحال ڇا سنڀاليندو؟ الله خير ڪري: آصف زرداري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي.

آصف زرداري شڪي ٽرانيڪشن ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو.

عدالت مان واپسيءَ تي آصف زرداري صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪئي، صحافي کانئس سوال ڪيو ته ايندڙ وارو ڪنهن جو ڏسي رهيا آهيو؟ جنهن تي آصف زرداري چيو ته ايندڙ وارو پ پ جو هوندو.

اڳوڻي صدر کان سوال ڪيو ويو ته احتساب جو عمل ڪيستائين هلندو رهندو؟ جنهن تي هن چيو ته جيستائين معيشت وڌيڪ هيٺ نٿي اچي وڃي اهو سلسلو جاري رهندو.

هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته آءِ ايس آءِ چيف جي مقرري بابت اسان جو موقف آهي ته هيءَ حڪومت نااهل آهي، آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جي وقت به 5 مسودا ٺهيا هئا، مون کي علم ناهي ته فيصلو تبديل ٿيندو يا برقرار رهندو، الله خير ڪندو.

پ پ جي شريڪ چيئرمين چيو ته عمران خان اها صورتحال ڇا سنڀاليندو؟ هن پنهنجا سياستدان ئي ڏکيائين سان سنڀاليا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.