جواني ۾ بلڊ پريشر وڌڻ دماغ کي جلد ڪراڙو بڻائي ٿو

آسٽريلوي ماهرن 12 سالن جي تحقيق کان پوءِ انڪشاف ڪيو آهي ته 20 کان 25 سالن جي عمر ۾ بلڊ پريشر جو معمول کان وڌي وڃڻ اهڙين گھڻين بيمارين جو سبب بڻجي سگھي ٿو جنهن سبب ماڻهو  جلد ڪراڙو ٿي وڃي ٿو.

واضح رهي ته بهترين نارمل بلڊ پريشر 110/70 هوندو آهي جيتوڻيڪ 120/80 بلڊ پريشر کان  ڪجهه وڌيڪ آهي پر پوءِ به ان کي صحتمند قرار ڏنو ويندو آهي.

ان کان وڌيڪ بلڊ پريشر کي هاءِ بلڊ پريشر چيو ويندو آهي، جنهن ۾ اضافي سان گڏوگڏ صحت لاءِ خطرو به وڌندو ويندو آهي.

ان تحقيق لاءِ هنن 686 صحتمند ماڻهن جي 2000 کان وڌيڪ دماغ اسڪينز جو تجزيو ڪيو جنهن جي عمر 44 کان 76 سالن جي وچ ۾ هئي.

انهن سڀني ماڻهن جي صحت ۽ بلڊ پريشر جو رڪارڊ به دستياب هو جيڪو 12 سالن جي عرصي ۾ گھٽ ۾ گھٽ چار ڀيرا حاصل ڪيو ويو هو.

بلڊ پريشر ۽ دماغي اسڪينز استعمال ڪندي جڏهن ماهرن  انهن مان هر فرد جي دماغي عمر جو اندازو لڳايو ته خبر پئي ته نوجواني ۾ جن رضاڪان جو بلڊ پريشر 120/80 رهيو هو، اڌ عمر ۾ انهن جي دماغي عمر به 70/110  بلڊ پريشر وارن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه مهينا وڌيڪ ڏٺي وئي.

جواني ۾ هاءِ بلڊ پريشر وارن جو دماغ، اڌڙوٽ عمر  ۾ اڃا وڌيڪ ڪراڙو ٿي ويو هو.

ان تحقيق جي سينيئر ليکڪ پروفيسر والٽر اڀايار تناني خبردار ڪيو آهي ته هاءِ بلڊ پريشر سان سلهاڙيل مسئلن جي سنگين ٿيڻ کان اڳ، اسان کي صحيح وقت تي پنهنجي زندگي ۽ کائڻ پيئڻ جي معمولن کي درست ڪرڻ گھرجي.

ماهرن زور ڏنو آهي ته هاءِ بلڊ پريشر ۽ دماغي صحت جي حوالي سان عالمي رهنمائي ڪندڙ هدايتون به تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.