افغان اختيارين جي غير مناسب رويي سبب پي آءِ اي ڪابل آپريشن معطل ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ايئر لائن (پي آءِ اي) طالبان جي غير مناسب رويي سبب افغانستان لاءِ فلائٽ آپريشن اڻڄاتل مدي تائين معطل ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب پي آءِ اي طرفان ڪابل لاءِ پنهنجو آپريشن بند ڪرڻ جو اعلان افغان اختيارين جي عالمي اڏامن لاءِ جاري ڪيل اعلان کانپوءِ سامهون آيو آهي.

افغان سول ايوي ايشن اٿارٽي طرفان چيو ويو هو ته ايئر لائنز ٽڪيٽن جي قيمت 15 آگسٽ 2021 کان اڳ واري ريٽ تي رکن، ٻي صورت ۾ انهن جو آپريشن بند ڪيو ويندو.

رپورٽ موجب ايئر لائن جي هڪ ترجمان جو چوڻ آهي ته طالبان اختيارين جي نامناسب رويي سبب اڄ کان ڪابل لاءِ فلائٽ آپريشن معطل ڪيو ويو آهي.

پي آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪابل لاءِ فضائي آپريشن اڻڄاتل مدي تائين معطل ڪيو ويو آهي، آپريشن افغان اختيارين جي غير مناسب رويي سبب بند ڪيو ويو آهي، ڪابل ۾ پرڏيهي فضائي آپريشن لاءِ غير موزون حالتون به فيصلي جو سبب آهن.

ترجمان موجب قومي ايئر لائن جا جهاز بنا انشورنس جي ڪابل نه ويندا، افغان اختيارين طرفان آخري لمحن ۾ فيصلن جي تبديلي به فلائٽ آپريشن بند ڪرڻ جو هڪ وڏو سبب آهي.

هوڏانهن افغان حڪومت جي نائب ترجمان ذبيح الله مجاهد پڻ تصديق ڪئي ته پي آءِ اي ۽ ڪام ايئر کي پنهنجي ٽڪيٽن جي قيمت 15 آگسٽ کان اڳ واري ريٽ تي نه رکڻ سبب فلائٽ آپريشن بند ڪرڻ جو چيو آهي.

افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته اي سي سي اي، پي آءِ اي ۽ افغانستان جي ڪام ايئر کي چيو هو ته اسلام آباد کان ڪابل جي فضائي ٽڪيٽ جون قيمتون طالبان جي حڪومت اچڻ کان اڳ واريون رکيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.