عسڪري قيادت سان مون کان وڌيڪ بهتر لاڳاپا ڪنهن جا ناهن: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري ۾ ٽيڪنيڪي خامي هئي، جيڪا ٺيڪ ٿي ويندي، مقرريءَ تي ٿيندڙ اڳڪٿيون درست ناهن.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده صورتحال تي پارلياماني پارٽي کي اعتماد ۾ ورتو ويو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ فوج ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا غلط فهمي ناهي، عسڪري قيادت سان مون کان وڌيڪ بهتر لاڳاپا ڪنهن جا ناهن، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري تي ٿيندڙ اڳڪٿيون درست ناهن، ان ۾ ٽيڪنيڪي خامي هئي، جيڪا ٺيڪ ٿي ويندي.

واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو هو ۽ ان حوالي سان تحريڪ انصاف جي سڀني قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ سينيٽرن کي شرڪت جي هدايت ڪئي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.