ڊاڪٽر قدير جو وڇوڙو وڏو نقصان آهي:اصغر يوسفزئي

حيدرآباد(رپورٽر) آل سنڌ يوسفزئي تنظيم جي ڪنوينر ۽ ڪينٽونمينٽ بورڊ جي اڳوڻي ڪائونسلر اصغر علي يوسفزئي پاڪستان جي ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني هڪ عظيم هيرو ۽ محب وطن شخصيت کان محروم ٿي ويا آهن، محسن پاڪستان عبدالقدير خان جي خدمتن ۽ قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته عبدالقدير خان درد رکندڙ شخصيت هئي، پر حڪمرانن هڪ مخلص، ايماندار ۽ وفادار شخص جو قدر نه ڪيو. هن چيو ته اسان پاڪ فوج جا شڪرگذار آهيون، جنهن ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ملڪ جي لاءِ ڪيل خدمتن ۽ ملڪ کي ايٽمي طاقت بنائڻ جي اعتراف ۾ ان جي ڌيءُ کي قومي جهنڊو پيش ڪيو. ڊاڪٽر عبدالقدير خان پنهنجي صلاحيتن جي ذريعي پاڪستان جي دفاع کي مضبوط بڻايو، ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو اهو احسان سدائين پاڪستاني عوام مٿان رهندو، ڊاڪٽر عبدالقدير خان وطن سان محبت ۾ دولت کي ڇڏي اذيت برداشت ڪئي ۽ پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو، اڳوڻن ۽ موجوده حڪمرانن 20 سالن دوران ان سان غير انساني سلوڪ ڪيو،جنهن تي جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ڪاوشن ۽ ڪارنامن جي حوالي سان نصاب ۾ هڪ باب شامل ڪيو وڃي ته جيئن ايندڙ نسلن کي ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي آگاهه ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.