گهارو جي صنعتي ادارن ۾ ڌارين جي ڀرتيءَ خلاف احتجاج

گھارو (ن ع آ)گهارو جي صنعتي ادارن ۾ ڌارين جي ڀرتيءَ خلاف سول سوسائٽي جواحتجاج.مقامي پورهيت بييوزگاريءَ سبب فاقه ڪشيءَ جوشڪارآھن.اڳواڻن جوخطاب.گهاروجي صنعتي علائقي شفيع آباد ۾ ڪسان آئل مل ۾ مقامي ماڻهن کي پورهيتن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيوويو.سول سوسائٽي جي اڳواڻن ڪامريڊآصف جوکيو. سڌيرخاصخيلي.دلنوازخاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سائين جي ايم سيدچوڪ کان ٽائون ڪميٽي تائين ريلي ڪڍي ويئي.پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندڙخطاب ڪندي چيوته صنعتي علائقن ۾ مقامي پورهيتن بدران ڌارين کي ڀرتي ڪري مقامي پورهيتن جواستحصال ڪيو پيووڃي.ڌارين صنعتڪارن جي پورهيت دشمن پاليسي اختيارڪندي ڪسان آئل مل ۾ مقامي ماڻهن کي اهو چئي موٽائي ڇڏيندا آهن ته مقامي ماڻهن کي نه رکندا سين. اڳواڻن ليبرکاتي جي صوبائي وزير.ڊي سي ٺٽو کان گهر ڪئي آھي ته ڪسان آئل مل سميت سمورن ادارن ۾ مقامي ماڻهن.کي روزگارڏنووڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.