ڌرتي جي بقا لاءِ سجاڳ ٿيڻو پوندو: مهر ڊٻائي

ڀرياسٽي ( ن ع آ )  ڀرياسٽي  ۾ سنڌ عوامي سٿ جي سرواڻ انقلابي شاعر ڀرياروڊ ۾ مجيد ڪيريو جي رهائش گاهه تي تنظيمي گڏجاڻي ڪئي، ان موقعي تي مهر ڊٻائي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ عوامي سٿ غير سياسي  تنظيم آهي. جيڪا سنڌ جي حقن جي لاءِ  ۽ بنيادي مسئلن تي ڪم ڪندي آهي، هن چيو ته سنڌ کي کپائڻ جي سازش پئي ٿئي ڌاري آبادگاري افغاني پٺاڻن کي آباد ڪري سنڌي قوم کي اقليت تبديل ڪيو پيو وڃي، سنڌي ماڻهن کي پنهنجي گهرن ٻچن ۽ ڌرتي جي بقا جي لاءِ سجاڳ ٿيڻو پوندو نه ته سڀاڻي اسان جا گهر ڌرتي به محفوظ نه رهندا، هن چيو ته ماستر جي ٽيسٽ کي مذاق بڻايو ويو آهي ،ٽسيٽ ۾ ڏکيا سوال ڏئي ڪري سنڌ کي سنڌي قوم کي نااهل ڪري پيش ڪيو ويو، سنڌي ماڻهن کي عالمي ليول تي بدنام ڪرڻ جي سازش ٿي رهي، اسان کي هاڻ سجاڳ ٿيڻو پوندو، جڏهن ته ان موقعي علي مدد ڪيريو۔مجيد ڪيريو۔استاد محمد بخش سهتو ۽ ٻين قومي گيت بيت ٻڌائي واهه ڪرائي ڇڏي۔جڏهن ته تنظيمي گڏجاڻي  دوران وڏي انگ ۾ ڪارڪنن سميت سنڌ عوامي سٿ جي مرڪزي اڳواڻن رياض کيمٽيو۔احسان علي  جمالي محبوب رند ،نديم ڪيريو، رحمان ڪيريو۔راڻا عبدالستار ، ساجد علي چنه، شرف الدين ڪيريو۔استاد هادي بخش شيخ ، شبير اڄڻ ۔محمد مٺل اڄڻ۔ مظهر شاهه سميت ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.