قومپرست اڳواڻ قمر ڀٽي جي ڀاءُ محمد خان ڀٽي جي ورسي، باڊهه ۾تقريب

باڊھه (پ ر ) جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي باني شھيد ڀائو قمر ڀٽي جي ڀاءُ تعليمدان ۽ قومپرست اڳواڻ مرحوم محمد خان ڀٽي جي قومپرست هائوس باڊھ تي پهرين ورسي ملهائي وئي , ورسي تقريب جي شروعات مزار تي گلن جي چادر چاڙهي حاضري ڀري خيرات في سبيل اللّه جي ماني سان ڪئي وئي , تقريب کي جسقپ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودو ديشي,  سگا جي صدرعبدالرزاق سومرو , حاجي نظام الدين ڀٽي ,پريس ڪلب صدر زيب ساريو,جنيد  ڀٽي, علي رضا نوناري,محمد مبين ڀٽي,حافظ محمد بچل مشوري,شاعر پرويز مولائي,سگهڙ علي گوهر خاصخيلي,مختيار موريو,هيمون ڀٽي,امين سيال,سارنگ سومرو,هوش محمد ڀٽي,بلاول سرگاڻي۽بلاول کوکر, منورنوناري,اسرارباغي ٻين چيو ته محمد خان ڀٽي پوري ڄمار تعليم جي سڌاري کي ارپي ڇڏي ان سان گڏوگڏ هو هڪ قومپرست خيال جو هڪ بهترين انسان هو اڄ ان جي وڇوڙي سان هڪ نه ڀرجندڙ خال پئدا ٿي پيو آهي,هنن وڌيڪ چيو ته محمد خان ڀٽي جهڙا انسان دنيا ۾ ورلي پئدا ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي ماڻهن جي خدمت ڪندي ڪندي هن فاني دنيا مان گذاري ويندا آهن اڄ سندس ورسي تي اسين کيس قومي سلام ڪندي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا,ورسي جي آخر ۾ مرحوم جي مغفرت لاء قرآن خواني پڻ ڪرائي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.