کهڙا جي صحافي جي ڀيڻويي جي فوت ٿيڻ تي تعزيت جاري

کهڙا (ن ع آ)   کهڙا جي صحافي ميان نزير اڄڻ سان سندس ڀيڻويي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل ميان حضور بخش اڄڻ جي وفات تي تعزيتي سلسلو جاري آھي. کهڙا لڳ روڊ حادثي ۾ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر لڳڻ سبب فوت ٿي ويل کهڙا واسي صوفي فقير ميان حضور بخش اڄڻ جي وارثن سان تعزيتي سلسلو جاري آھي نوجوان ليکڪ ناليواري شاعر عبدالرزاق اڄڻ. عبدالحڪيم شر. انوار انصاري. عبدالڪريم شر غلام النبي رتڙ، حليم الله سومري ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن. صحافين. شھرين وڏي انگ ۾ سندس تڏي تي پهچي سندس وارثن صحافي ميان نزير اڄڻ. وزير علي. مجاهد حسين. ميان مولابخش اڄڻ ۽ ٻين سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ۽ تعزيت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.