ڪاڇي ۾ پاڻي جي کوٽ، واٽر سپلاءِ جا پائيپ چوري، احتجاج جاري

فريدآباد ( ن ع آ) فريدآباد  ڪاڇي جي 9 ڳوٺن جي واٽرسپلاء جو ڪم مڪمل نه ڪرڻ ، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ۽ ڳوٺن ۾ ٽانڪيون ٺاھي نه ڏيڻ خلاف هيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن ضلع دادو جي اڳواڻن   ميھر علي ڏيرو  وڏيرو  ،پير محمد ڏيرو ،  شبير ڪرٽيو ، محرم رند ۽ سڪندر بروھي سرور ڏيرو ظفر خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سٽي گيٽ تي ڌرڻو ھنيوـ ھنن چيو ته واٽر سپلاء جو ڪم رولھڙي جو شڪار آهي ـ اسان جي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ آهي   پبلڪ ھيلٿ آفيسرن ٺيڪيدار سان ملي ڀڳت ڪري  واٽر سپلاء جا پائيپ وڪرو ڪري ڪرپشن ڪري رھيا آهن واٽر سپلاء جو ڪم جو ٺيڪيدار ھڪ ڏينهن به  سائيٽ تي ناھي آيو ـ ڳوٺن ۾ پاڻي جون ٽانڪيون ٺاھي ناھن سگھيا ـ ڪاڇي جي ڳوٺاڻن کي پاڻي ڪيئن پھچائيندا ـ ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان  ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ سيشن جج دادو  کي اپيل ڪئي ته فريدآباد  واٽرسپلاء جو ڪم مڪمل ٿي ناھي سگھيو ڪرپشن ڪئي وئي آهي پائيپ وڪرو ڪيا ويا آهن فورن نوٽيس ورتو وڃي ۽ ڪاڇي واسين کي پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪيو وڃي ـ ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.