ڀٽائي جي يارهين سجاده نشين نثار حسين شاهه جي ورسي ملهائي وئي

خيرپور (ڊر)خيرپور ويجهو ڪچي جي ڳوٺ شفيع محمد شاھاڻي ۾ موجود لطيف سرڪار جي تڪيي تي شاھ لطيف فائونڊيشن پاران درگاھ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي اڳوڻي يارھين سجاده نشين سيد نٽار حسين شاھ لطيفي جي ستين ورسي ملهائي وئي. ورسي جي موقعي تي شاھ لطيف فائونڊيشن  پاران يارهين سجاده نشين سيد نثار حسين شاھ لطيفي جي شخصيت ۽ لطيفي فڪر جي پرچار ۽ ڪردار جي عنوان تي رٿيل تقريب ۾ مقررن فقير غلام حيدر شاھاڻي گل فقير سھتو خليفي حادي بخش اڄڻ سڪندر شيخ فقير صاحب لطيفي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته درگاھ ڀٽ ڌڻي جو 11 ھون سجاده نشين سيد نثار حسين شاھ لطيفي انسانيت سان پيار ڪندڙ ۽ انتھائي شفيق ھو.سندس پاران ڀٽائيءَ جي پيغام کي عام ڪرڻ توڙي درگاھ لاءِ ڪيل خدمتون يادگار رھنديون ھن درگاھ تي ھرجمع ٻوھاري ڏيڻ واري رسم جو بنياد وڌو سندس وصال کان بعد به موجوده سجاده نشين سيد وقار حسين شاھ لطيفي ۽ قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاه لطيفي ساڳي رسم ادا ڪن پيا مقررن کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته سيد نثار حسين شاھ لطيفي 11 سال سجاده نشين واري منصب دوران شاھ لطيف فائونڊيشن ۽ لطيفي جماعت کي فعال ڪيو ۽ سنڌ ۾ موجود بٽائي گهوٽ جي تڪين جي سار سنڀال لاءِ ھدايتون جاري ڪيون .۽ ان عمل کي فعال ڪرڻ لاءِ شاھ لطيف فائونڊيشن کي سرگرم رکيو .آخر ۾ سندس مغفرت لاءِ دعا گهري وئي ۽ لنگر پڻ تقسيم ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.