ٻيلو ويجهو پ پ ايم اين اي پاران گئس جي سهولت جو افتتاح

ٻيلو شھر (ن ع آ) ٻيلوشھر لڳ ڳوٺ محمد خان طاھراڻي ۾ پ پ پ ايم اين اي پاران ڏنل سوئي گئس جو افتتاح  پ پ پ ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي ڪيو جنھن ته گوٺاڻن خاصخيلي برادري پاران پ پ پ ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي پ پ پ ضلعي جي نائب صدر سيد قادر ڏنو شاھ شيرازي سيد احسان شاهه شيرازي سيد غلام عباس شاھ شيرازي جي مان ۾ ڳوٺ محمد خان طاھراڻي ۾ شاندار آجياڻو ڏنو ويو جنھن۾ آيل مھمانن کي سنڌ جي ثقافت ٽوپيون اجرڪن لنگين جا تحفا پيش ڪيا ويا تقريب ۾  ڳوٺ محمد خان طاھراڻي ء ڀرپاسي جي معززين داروغو رسول بخش طاھراڻي وڏيرو عبدالغني خاصخيلي وڏيرو شير خاصخيلي، ڊاڪٽر رسول بخش طاھراڻي حاجي گلشير خاصخيلي  ، طلال طاھراڻي،طارق عزيز طاھراڻي شاھد خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ،  آجياڻي جي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ پ ايم اين سيد اياز علي شاھ شيرازي چيو شيرازي خاندان ھر وقت عوام جي خدمت ڪندو رھندو ھن چيو ته شيرازي خاندان پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ رھي ڪري عوامي خدمت ڪندو رھندو وڌيڪ ھن چيو 18آڪٽوبر جي جلسي ۾ انشاءالله ڀرپور نموني شرڪت ڪري جلسو ڪامياب بڻائبو ۽ وڌيڪ ھن چيو اسان عوام سان ھر ڏک سک ۾ گڏ آھيون عوام کي اڪيلو نه ڇڏبو ھن چيو اسان عوام جي خدمت ڪرڻ عبادت ٿا سمجھون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.