هڪ کان چار گريڊ جي نوڪرين تي سياسي ڀرتي بند ڪيو: حبيب جکرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي طرفان ضلعي صدر محمد ڪامل سرگاڻي جي صدارت هيٺ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ايليمينٽري سيڪنڊري اينڊ هائير سيڪينڊي اسڪول لاڙڪاڻي ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو جنهن ۾ ضلعي جنرل سيڪريٽري حبيب الله جکرو، الهه وڌايو کهڙو، عبدالقدير سومرو، فدا حسين ميراڻي، محمد شريف، صفدر علي مغل، روشن گوپانگ، امام الله عمراڻي سميت مختلف تعلقن جي عهديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي آپڪا ضلعي لاڙڪاڻي جي ضلعي صدر محمد ڪامل سرگاڻي چيو ته اسان گريڊ ھڪ کان گريڊ چار جي سياسي ڀرتين تي غير اطمينان قرار ڏيندي اعليٰ اختيارين کان گهر ٿا ڪريون ته اھي ڪلارڪ جيڪي رٽائرمينٽ جي ويجھو پهتل آھن يا وري تمام سينيئر آھن جن پنهنجي سڄي زندگي مختلف کاتن کي ڏني تن جي اولاد کي سرڪاري کاتن ۾ نوڪريون ڏنيون وڃن جيڪڏهن ڪلارڪن  کي پنهنجو حق نه ڏنو ويو ته اسين پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪندي سخت احتجاج پڻ ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.