هالاڻي ۾ ساس پاران ڪامريڊ قاضي فيض محمد جي ورسي، ڀيٽا پيش

هالاڻي ( ن ع آ ) ھالاڻي سنڌي ادبي سنگت شاخ پاران ڪامريڊ ھاري اڳواڻ قاضي فيض محمد جي 39 ورسي سنڌي ادبي سنگت شاخ ھالاڻي جي سيڪريٽري شريف سومرو، ڪائونسلر اقبال گاڏھي شاعرن اديبن صحافن سندس وارثن پاران سندس جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي ڀيٽا پيش ڪئي جنھن جي صدارت شاعر اديب سنڌي ادبي سنگت خيرپور جي رابطا سيڪريٽري غلام علي عامر ڪئي، جنھن ۾ مھمان خاص قاضي الطاف آل پاڪستان صحافت صوبي سنڌ جو صدر ظفر تڳر صحافي اديب مولا بخش ٿيٻو، پروفيسر مقصود احمد  ميمڻ، قاضي الطاف قاضي سڪندر جن ھيا جڏھن آيل مھمان کي آجياڻو شاخ جي سيڪريٽري شريف سومرو ڏنو خطاب ۾  تنھا سخاوت وحيد ملاح، سرفراز رند، اقبال گاڏھي چيو ته ڪامريڊ قاضي فيض محمد گھڻ رخي شخصيت جا مالڪ ھو، پاڻ ڏاھو دانشور سياستدان ۽ اعليٰ انسان ھو، ھن پنھنجي جدوجھد سان سنڌ جي ھارين کي پنھنجا حق وٺي ڏيارڻ لاءِ جيڪا جدوجھد ڪئي، ان ۾ ڪيترائي دفعا جيل ويا جلاوطن ٿيا ۽ تڪليفون برداشت ڪيون پر پاڻ ڪڏھن به پوئتي نه ھٽيا قاضي صاحب پنھنجي زندگي ۾ ڪيترائي ئي عملي ادبي ڪتاب لکيا پر ٻاويھه سئو ٻاويھه جھڙو ڪتاب لکيو ان ۾ جيڪو چيو سو اڄ ھن دور ۾ سچ ثابت ٿي رھيو آھي قاضي  پاڻ کي  سندس امر ڪري ويو اھڙا ڪردار ڪڏھن به مراڻا ناھن اھي ھميشا زندا دلين ۾ رهندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.