سانگهڙ ضلعي کي ترقي ڏياربي:امام الدين شوقين

ٽنڊوآدم (ن ع آ  )آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪميٽي سانگهڙ جي چيئرمين ملڪ امام دين شوقين ٽنڊوآدم جي شھيد بينظير ڀٽو  گرلز ھاء اسڪول جو دورو ڪري شاگردياڻين  کان مسئلا معلوم ڪيا. ان موقعي تي سينيٽر امام دين شوقين اسڪول لاءِ 4 ڪمرن ، واشروم ، فرنيچر ۽ فرش بندي ڪرائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ملڪ امام دين شوقين وچ شھر جي تباھ ٿيل سچل سرمست المعروف ڪالي روڊ جيڪو سالن کان تباھ ھو ان جي تعميراتي ڪم جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي ھن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئل اينڊ گئس فنڊز جو استعمال ايمانداري سان ڪندس ۽ ٽنڊوآدم سميت سڄي ضلعي سانگهڙ جي رائلٽي تي ھڪ ھڪ روپيو خرچ ڪري ضلعي کي ترقي ڏيارينداسين ۽ ڪنھن کي ڪرپشن ڪرڻ نه ڏيندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.