حيدرآباد ۾ اسٽيوٽا پاران ڪاليجن جي مسئلن بابت جاڳرتا سيمينار

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (اسٽيوٽا) حيدرآباد پاران اسٽيوٽا جي ڪاليجن کي درپيش مسئلن بابت حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ هڪ سمينار منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ چئيرمين اسٽيوٽا سليم رضا جلباڻي، ڊائريڪٽر اسٽوٽا ثاقب علي رضا کوکر، مئنجنگ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سهاڳ، ڊائريڪٽر اڪيڊمڪ ٽرينگ لياقت ڄامڙو، ڊائريڪٽر انڊسٽريز يوسف بلوچ، ڊپٽي ڊائريڪٽر امداد حسين تنيو  ٻين شرڪت ڪئي. سمينار ۾ ڪاليجن جي پرنسپال کي يقين ڏياريو ويو ته انهن جا مسئلا فوري طور تي حل ڪيا ويندا. سمينار جي پڄاڻي تي جي آءِ زيڊ جي تعاون سان جاري پروجيڪٽ تحت ڪميونٽي بيس ٽريننگ تحت سنڌ جي 25 ادارن پاران مڪمل ڪرڻ تي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب به منعقد ڪئي وئي.جنهن ۾ 25 ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.