جهڙو ماضي تهڙو حال ڪجهه نه بدليو!

تحرير: حافظ سڪندر تنيو

جڏهن نئين ملڪ پاڪستان ٺهڻ جو اعلان ٿيو ته  چيو ويو ته هي ملڪ سيڪيولر ۽ جمهوري طريقي سان هلايو ويندو. پر عمل ان جي ابتڙ ڪيو ويو. نه سيڪيولر بڻيو نه ئي جمهوريت رائج ٿي، پر انارڪي ۽ آمريت جو رواج رکيو ويو. جڏهن کان وٺي سنڌ اسيمبليءَ جو وجود پيو ته 1947تائين ميمبرن جي پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ ۾ گذريو، انهن سالن ۾ وزير اعظم ۽ وزارتون بدلبيون رهيون. هڪ وزير اعظم، الهه بخش سومرو سياسي اختلافن جي ور چڙهي قتل ڪيو ويو. پاڪستان جي قائم ٿيڻ وقت پڻ ساڳي صورتحال برقرار رهي. سنڌ وزارتن جي جهڳڙن ۾ پيسبي رهي. ڏيڍ سال جي عرصي ۾ ٽي وزير اعلي ايوب کهڙو، پير الاهي بخش۽ يوسف هارون ڪرسين تي ويهاريا ويا. ان کان پوءِ قاضي فضل الله ۽ ايوب کهڙو وري ڪرسي سنڀالڻ لاءِ آيا. نيٺ 29 ڊسمبر 1951۾ سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳايو ويو.

اهڙي طرح مسلم ليگ، پير الاهي بخش جي سنڌ ليگ ۽ سائين جي ايم سيد سنڌ عوامي محاذ جهڙيون جماعتون وجود ۾ آيون. الاهي بخش جي سنڌ ليگ مسلم ليگ ئي هئي جنهن جا ڪپڙا بدلائي نئون نالو رکيو ويس، جيئن اڄ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڪراچيءَ جي تاريخي شاندار عمارت موهٽا پيلس جو نالو مٽائي فاطمه پيلس رکيو ويو آهي، جيڪا پڻ سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت سان وڏي ناانصافي ٿي رهي آهي. جڏهن محترمه فاطمه جناح جي نالي سان ڪيترا ئي ادار اڳ ۾ قائم ٿيل آهن،

ملڪي سياست ۽ تاريخ ۾ جيڪو تماشو محترمه فاطمه جناح سان اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ ايوب خان ڪيو هيو. مٿس غدار وطن جا الزام پڻ هنيا ويا هئا. سي سڀني ماڻهن کي اڄ تائين ياد آهن. اڄ وري ڪهڙي سبب ڪري مٿس اڇا ٻاجهه ڪئي پئي وڃي جو هڪ تاريخي عمارت جو نالو بدلائي کيس مسلمانڪو نالو ڏنو پيو وڃي. سنڌ حڪومت ڇو اهڙي عمل تي ماٺ وري مپ هنيو ويٺي آهي.

اهڙي طرح  سائين جي ايم سيد صاحب جي پارٽي قومپرستي ۽ جمهوريت پرستي جو اصطلاح کڻي آئي.ٻنهي جماعتن وٽ ترت چونڊون ڪرڻ جي گهر ڪيل هئي. 1953۾ چونڊن جو اعلان ٿيو ته، سنڌ ليگ، سنڌ عوامي محاذ، سنڌ هاري ڪميٽي، وغيره تي ٻڌل هڪ متحده محاذ تشڪيل ڏنو ويو. جنوري 1953۾ ميونسپل جون چوندو ٿيون جيڪي عام چونڊن لاءِ سڀني جماعتن جي طاقت جو امتحان هيو. انهن چونڊن ۾ مسلم ليگ جي مقابلي ۾ گڏيل محاذ جا ۽ آزاد اميدوار وڏي تعداد ۾ کٽي آيا. هاڻي پارلياماني چونڊن جو مرحلو اچڻو هيو، گڏيل محاذ جي ڪاميابي کي ڏسندي ايندڙ چونڊن ۾ هارائڻ لاءِ ڌانڌلي جي رسم واري بسم الله شروع ڪندي گڏيل اتحاد جي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو. کين ڊيڄاري، ڌمڪائي چونڊن کان ڌار ٿيڻ جو دٻاءُ وڌو ويو. هارين مٿان وڏيرن ذريعي سختي ڪرائي ويئي ته جنهن به هاري مسلم ليگ کي ووٽ نه ڪيو کانئس زمين جو هارپو کسيو ويندو. مئي 1953۾چونڊون ٿيون. ووٽنگ وقت وڏي ڌانڌلي ڪرائي ويئي، حيدرآباد ۾ سوين ڪوڙا ووٽر گرفتار به ڪرايا ويا پر کين ڪجھه ڪين چيو ويو. سائين جي ايم سيد جو عوامي محاذ رڳو دادو ضلعي مان ڪامياب ٿيو جن ۾ سائين جي ايم سيد، پير الاهي بخش، محمد شاھ اي خان چونڊجي آيا. سيوهڻ واري تڪ تي محترم جي ايم سيد جي سامهون ڪنهن اميدوار پيپر نه ڀريو هيو.

مرڪزي سرڪار جي منظور نظر مسلم ليگ جي ڪاميابي ڌانڌلي ذريعي ئي ممڪن هئي، جنهن ڪري ايوب کهڙي جي حامي جاگيردارن پڻ کهڙي کي ڇڏي مرڪز جي مهميز ملڻ ڪري سندس ساٿ ڇڏي ڏنو، اتر سنڌ ۾ سنڌ عوامي محاذ جي 25 اميدوارن مان رڳو ٽي ماڻهو کٽي آيا. اهڙي طرح عوامي محاذ کي 110جي ايوان ۾ ڪل ست سيٽون ملي سگهيون. عوامي اتحاد ۽ هاري ڪميٽي جي ميمبرن ۾ عبدالحميد سنڌي، قادر بخش قاضي، ولي محمد لغاري ۽ الله بچايو جروار کي شڪست ملي. پاڪستان مسلم ليگ جا اميدوار وڏي گهڻائي سان کٽي قانون ساز اسيمبليءَ ۽ اچي ويا. اهي انڪري ٿيا جو آزاد ۽ انصاف ڀريون چونڊون نه هيون ۽ ووٽرن کي دڙڪا داٻ  ڏنا ويا ۽ خريد فروخت جو سبب بڻيا.

ڪراچي ميونسپل جي چونڊن ۾ پڻ ساڳي ڌانڌلي واري ريت ورجائي ويئي. جنهن ۾ پڻ مسلم ليگ کي کٽرايو ويو. پنجاب ۾ پڻ ساڳيو طريقو اختيار ڪيو ويو. 1951۾ ٻيو ڀيرو قائم ٿيل خان قيوم جي وزارت کي 1953۾ وزير اعظم خواجا ناظم الدين کي غير جمهوري طريقي سان هٽائڻ بعد قيوم کي پڻ گهر موڪليو ويو. ان جي جڳھه تي صوبي سرحد ۾ (ڪي پي ڪي) جي آءِ جي پوليس سردار عبدالرشيد کي وزير اعلي مقرر ڪيو ويو. جڏهن آءِ جي کي اها ڀلي خبر ٻڌائي ويئي ته ان وقت هو پوليس گرائونڊ ۾ پيشي وراڻي سرگرمين ۾ مصروف هيو.مرڪزي حڪومت سندس استعيفا فون تي منظور ڪندي وزارت اعلي جو تاج مٿي تي رکرايس. کيس پارلياماني پارٽي ايوان جو اڳواڻ بڻائڻ سان گڏ کيس مسلم ليگ جو صدر پڻ بڻائي ڇڏيو. 1954۾ هن پاران ون يونٽ جي مخالفت ڪرڻ سبب کيس هٽائي سردار بهادر خان کي وزير اعلي مقرر ڪيو ويو.

آڪٽوبر 1954۾ گورنر جنرل غلام محمد مرڪزي دستور ساز اسيمبلي کي ٽوڙي جمهوريت جي ڪنڌ تي ڪاتي ڦيري کيس ڪهي ڇڏيو. هڪ هفتي کان پوءِ وري پنجاب ۾ مخدوم حسن محمود جي وزارت ۽ بهاولپور اسيمبلي ٽوڙي ويئي. ان بعد اينٽي قادياني تحريڪ وري ممتاز دولتاڻي جي وزارت کسرائي وڌي. فيروز خان نون کي نئون ڪوٽ شيرواني پارائي ويهاريو ويو. دولتاڻي وري فيروز نون خلاف سازشون شروع ڪرائي کيس بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ سبب ته نه هٽرائي سگهيو، پر عوام جي مفاد خلاف ڪم ڪرڻ جو الزام لڳائي کيس گهر ڏي ويندڙ گاڏيءَ ۾ چاڙهي موڪليو ويو. وري اقتدار جو اوچو شملو سردار عبد الحميد دستي کي پارايو ويو. جنهن ون يونٽ جي وڪڙ ۾ پنجاب کي ڏياري مرڪز ۾ وزارت ورتي.سنڌ ۾ پيرزادي عبدالستار وزارت سنڀالي، پر ون يونٽ جي مخالفت ڪرڻ سبب کيس هٽايو ويو، ان ايوب کهڙي سيني تي هٿ رکي ون يونٽ جي حمايت جي حامي ڀريندي ميمبر پاڻ سان ملائي، مٿس ٻه ڀيرا ڪرپشن جي لڳايل الزامن مان آجو ڪري کيس سنڌ جو وزير بڻايو ويو.

اهڙي طرح ملڪ کي هلائيندڙ مذاق سمجهي ٻاراڻي راند ڪندي وزارتون، ٺاهيندا ۽ ڊاهيندا رهيا. ڀٽي تي ته اجايو ڌانڌليءَ جو الزام هڻي کيس لاٿو ويو هيو نته ڌانڌلي ڪرڻ جا ڏاڏا آدم ته هن کان اڳ اهو مشغلو ڪندا رهندا پئي آيا. جيڪو تسلسل عمران خان جي هاڻوڪي حڪومت تائين رائج الوقت سڪي جيان ملڪ جي مارڪيٽ ۾ هلندو ٿو رهي. انڪري نه ماضي مان سبق مليو نه ئي حال کي چڱو بڻائڻ لاءِ ڪا سوچ ويچار ئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.