آءِ ايس آءِ جي سربراهه جي مقرري وارو معاملو، ڪجهه سوال ڪجهه جواب

تحرير: حاڪم نصيراڻي

عسڪري قيادت ۾ بدلين کان پوءِ  ملڪ ۾ هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو  ماڻھن جي ذھن مان مهانگائي غربت پينڊورا پيپرز ڪرونا وائرس آءِ ايم ايف جا سخت شرط، اليڪٽرڪ ووٽنگ مشين، نيب آرڊيننس، فارن فنڊنگ ڪيس غيرملڪي سربراهن پاران مليل تحفن جي تفصيل سميت سڀ اهم معاملا نڪري ويا۔ جنرل فيض حميد جو ڳاڻيٽو ايندڙ چيف آف آرمي اسٽاف واري جنرلز جي لسٽ ۾ آھي قانوني طور چيف آف آرمي اسٽاف لاءِ  هڪ سال ڪنهن به ڪور جي ڪمانڊ ڪرڻ ضروري آھي پر عمران خان پنهنجي عادتن مطابق هر مسئلي کي اينگهائڻ جو ماهر رهيو آھي ان ڪري نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري کي به اينگهائي ماڻھن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ پيو چاهي اصل مسئلن کان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي يا واقعي وزيراعظم جي اختيارن کي للڪاريو ويو آھي

گذريل ڏينهن وفاقي وزير  فواد چوڌري جي پريس ڪانفرنس ٻڌڻ جو موقعو مليو ان کان اڳ به چوڌري صاحب پريس ڪانفرنس ڪندو رهيو آھي جنهن ۾ سندس انداز ڪنهن  ٽي ٽوئنٽي جي رانديگر وانگر هوندو هو هميشه اوڀاريون لهنواريون، ڪوڙ سچ جو تڙڪو هڻي وقت پورو ڪري ويندو هو پر هن پريس ڪانفرنس ۾ سندس انداز ڪنهن ٽيسٽ ميچ واري رانديگر وانگر محسوس پئي ٿيو۔ وڏي احتياط  نرم ۽ شائشته لهجو استعمال ڪندي لفظن جي وادي مان چونڊي چونڊي سهڻا سٺا ۽ مناسب لفظ استعمال ڪرڻ وارو انداز ڏسڻ وٽان هو ۔ خاص طور چهري جي تاثرات کي ڏسي مون کي ته هڪ نئون ۽ منجهيل فواد چوڌري نظر پئي آيو ۔ ان پريس ڪانفرنس دوران صحافين جي سوالن سندس متيون منجهائي ڇڏيون اڪثر سوالن جا جواب ڏيڻ کان لنوائڻ مان اهو صاف ظاهر ٿئي پيو ته دال ۾ ڪجھه ڪارو ڪارو آھي يا سڄي دال ڪاري آھي۔ جيڪو ڪجھه ٿيندو اهو قانون مطابق ٿيندو ان ڳالھه مون کي منجهائي ڇڏيو ۔ اتي هڪ سوال ذھن ۾ اڀري ٿو ته جيڪو اڳ ٿيو ڇا اهو قانون موجب نه هيو جيڪڏهن اهو قانون موجب نه هيو ته ان جو اظھار دير سان ڇو ڪيو ويو۔ .

فواد چوڌري صاحب کي آخر اها ڳالھه چوڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي ته سياسي ۽ عسڪري قيادت ۾ گهري هم آھنگي آھي ان جو مطلب ته ان هم آھنگي جو اظھار ڪري ماڻھن جي اڻ پڇيل سوال جو جواب ڏنو ويو آھي ۔ جئين ته اسان جو وزيراعظم صاحب پنجاهه وزيرن سان گڏ پنهنجي اڻ ڳڻ مشيرن جي معاملي ۾ تمام گهڻو خود ڪفيل آھي ان ڪري اڃا اها خبر نه پئي آھي ته ڪنهن جي ڳالھه تي اعتبار ڪجي۔  .

ساڳي رات وزيراعظم صاحب جي سياسي مامرن جي مشير عامر ڊوگر صاحب چيو ته وزيراعظم صاحب نه پيو چاهي ته عسڪري قيادت سندن مشوري کان سواءِ ايڏي وڏي اٿل پٿل ڪري خاص طور تي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد کي ڪجھه مهينا تبديل ڪرڻ جي حق ۾ نه هيو۔ سندن ڳالھه ۾ وزن ان وقت وڌيڪ محسوس ٿيو جڏهن هن هڪ ٻيو دليل ڏني ته افغان حالتن جي ڪري به ان عهدي تي جنرل فيض حميد جو رهڻ ضروري هو۔ ان مان اهو ظاهر ٿي ويو ته عسڪري قيادت وزيراعظم صاحب جي خواهشن ۽ اختيارن جي ابتڙ اهي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آھن۔

اها ڳالھه به هوائن جي هڳاءُ ۾ محسوس ٿئي پئي ته وزيراعظم صاحب پنهنجي حيثيت مڃائڻ ڪري نوٽفيڪشن تي صحيح نه پيو ڪري۔ ڳالهيون اهي به هليل آھن ته وزيراعظم صاحب ڪابينه اجلاس ۾ پاڻ کي رٻڙ اسٽيمپ سان تشبيھه به ڏني۔ وزيراعظم صاحب ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي وچ ۾ ٿيل ڊگهي ملاقات ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون آهن سي ظاهر آھي ته ملڪ جي ڀلائي لاءِ  ٿيون هونديون پر اتي آءِ ايس آءِ جي ڊي جي جي مقرري اهم نقطو رهيو هوندو آخر ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته عسڪري قيادت جنهن ماڻھو کي چونڊيو آھي اهو ئي صحيح ۽ مناسب آھي پر سمري ته وزيراعظم جي آفيس موڪلي وڃي۔ انڪري هاڻي اهي خبرون به گردش ڪن ٿيون ته اها سمري وزيراعظم آفيس تائين اچي وئي آھي جنهن تي ڪنهن به وقت خان صاحب صحيح ڪري ڇڏيندو۔

عمران خان لاءِ  عام طور تي اهو تاثر به ڏنو پيو وڃي ملڪي معاملن ۾ علم اعداد علم نجوم اسخاري ۽ موڪلن کي به شامل ڪندو رهيو آھي ان ڪري ڪجھه معاملن ۾ روحاني قوتن کان مدد به ورتي ويندي آھي۔ ان ڪري شايد مريم نواز جادو ٽوڻي جي ڳالھه ڪري هڪ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آھي۔ ڇا واقعي هن دفعي به وزيراعظم ڊي جي آءِ ايس آءِ جي نالي جا ابجد ڪڍرايا هوندا سندس ستارو ڪڍي دوست دشمن ستارن جي روشني ۾ پرک ڪئي وئي يا علم اعداد وسيلي سندس سوچ کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي يا علم نجوم وسيلي آبي خاڪي بادي يا آتشي مزاج ڪڍيو ويو۔

نئين سمري مطابق نئين ڊي جي لاءِ  ٽن ماڻھن جا نالا سامهون آيا آھن جن ۾ ليفٽنٽ جنرل سرفراز،  ليفٽنٽ نديم انجم ۽ ليفٽنٽ ثاقب جا نالا وزيراعظم صاحب ڏانهن  موڪليا ويا آھن هاڻي ڏسجي ته وزيراعظم جو ستارو ۽ مزاج ڪنهن سان ملي ٿو ۔ بهرحال جيڪو به ٿئي پر عمران خان جي اها واحد حڪومت آھن جنهن ۾ وزيرن ۽ مشيرن جون ڳالهيون ملڪي معاملن قانونسازي ۽ پرڏيهي معامرن  تي مختلف هجن ٿيون پر جڏهن ڳالھه سياسي تنقيد جي اچي ته پوءِ  سڀني جي زبان مان نڪرندڙ لفظ هڪ جهڙا هجن ٿا۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.