ڊي جي، آءِ ايس آءِ جي مقرري ۾ دير جو اصل سبب

تحرير: نديم لوڌي

تاريخ جي ريڪارڊ مان سڌ پوي ٿي ته هميشه آءِ ايس پي آر ئي آرمي ڪمان ۾ ٿيندڙ تقرريون، بدليون ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري ڪندو آهي. مسئلي جي جڙ ڪنهن اهڙي قانون جي غير موجودگي آهي جيڪا انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) ۾ مقررين ۽ بدلين جي معاملن کي ڏسي.  ان قانون بابت هڪ رپورٽ موجود آهي ته پاڪستان ۾ انٽيليجنس ايجنسين جا معاملا هلائڻ جي نظام بابت آهن. انتهائي حيرت ۾ وجهندڙ انڪشاف ٿيو آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان هيل تائين ان ڏس ۾ ڪابه قانون سازي ناهي ٿي جيڪا پاڪستان ۾ انٽيليجنينس ايجنسين جي معاملن کي ترتيب ۾ آڻي.

پاڪستان جو مشهور آئيني ماهر سلمان اڪرم چيو آهي ته  ملڪ ۾ آءِ ايس آءِ جي ڪم جي نگراني ۽ ان جي ترتيب بابت ڪوبه قانون موجود ناهي. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ 1949ع ۾ وزيراعظم جي حڪم تي آءِ ايس آءِ کي هڪ وفاقي اداري طور ٺاهيو ويو. ان وقت کان اهو ئي عمل رهيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري وزيراعظم ڪندو آهي. اهڙو ڪو به قانون موجود ناهي جو ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جو اختيار ڪنهن ٻئي کي ڏئي. آمريڪا جهڙن ٻين ملڪن ۾ سي آءِ اي جا معاملا هلائڻ بابت قانون موجود آهن. ڪنهن به حڪومتي سطح جي اداري لاءِ قانون ضروري آهي اهو نه رڳو ان جي گهرو معاملن کي هلائڻ ۽ ان جي ڍانچي جي حوالي سان لازمي آهي پر ان جي ذريعي اداري کي عوامي نگراني ڪرڻ جو موقعو به ملي وڃي ٿو.

جنرل ضياءَ کانپوءِ واري دور ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري آرمي چيف ۽ ان وقت جي وزيراعظم جي وچ ۾ تڪرار جو ڪارڻ بڻجندي رهي آهي. ان مسئلي جو بنياد ڪنهن قانون جو نه هئڻ آهي جيڪو ذميواري جو تعين ڪري ته اها مقرري وزيراعظم کي ڪرڻ گهرجي يا پوءِ آرمي چيف کي. عام طريقيڪار مطابق وزيراعظم ڊي جي آءِ ايس آءِکي  عهدي تي مقرر ڪندو رهندو آيو آهي. پر چيف آف آرمي اسٽاف جو ڪردار ڊي جي آءِ ايس آءِ جو چونڊڻ معمولي ڪم ناهي ڇو ته آرمي جا آفيسر آخرڪار آرمي چيف جي ڪمان ۾ ڪم ڪندا آهن.

وزيراعظم عمران خان سان لاڳاپيل اها ڳالهه اسلام آباد جي سياسي حلقن ۾ عام ٻڌي پئي وئي ته هو اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سان ڪم ڪرڻ ۾ وڌيڪ سهنجائي محسوس ڪري رهيو هو ۽ هو چاهي پيو ته فيض حميد ان عهدي تي ڪم جاري رکي.

آءِ ايس پي آر جي جاري ڪيل پريس رليز ۾ڊي جي آءِ ايس پي آر جي مقرري ڪندڙ اٿارٽي جي نالي جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي. ٻين لفظن ۾ پريس رليز ۾ اهو ذڪر ڪيو ڪيو ويو هو ته ڪنهن ڊي جي، آءِ ايس آءِ کي مقرر ڪيو آهي. ٻنهي مان ڪنهن پاسي کان به تڪرار تي سرڪاري بيان ناهي آيو يا ايئن چئو ته سرڪاري سطح تي ڪنهن به ان تي موقف ناهي ڏنو. هونئن به طريقو اهو رهيو آهي ته وزيراعظم ٽن آفيسرن جي پينل مان هڪ ماڻهو کي ڊي جي، آءِ ايس آءِ لاءِ چونڊ ڪندو آهي.

هڪ ٽاڪ شو دوران  وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت خاص صلاحڪار عامر ڊوگر چيو ته  اهو فيصلو جيڪو آرمي چيف ڪري رهيو آهي کيس خبر آهي پنهنجي جرنيلن مان ڪنهن کي ڪهڙي پوزيشن تي رکڻو آهي. پر ان جو طريقيڪار هوندو آهي جنهن تي عمل ڪيو ويندو ان عمل ۾ ڪا وٿي رهجي وئي آهي. عمران خان چيو ته جنرل نديم انجم جي ڏاڍي سٺي هاڪ آهي، وڏو پروفيشنل جنرل آهي، هن جي ذات تي ڪو به اعتراض ناهي. آرمي چيف  جنهن نالي جو اعلان ڪندو اهو بهترين نالو آهي. پر عمران خان قانون  جي بالادستي تي يقين رکي ٿو. سڀئي چاهين ٿا ته حڪومت ادارن کي آئيني طور تي پاڻ سان گڏ کڻي هلي، مشورن جو عمل به هجي. عمران خان آرمي چيف کي چيو ته اوهان پنهنجو طريقو اختيار ڪريو نه ته ماضي ۾ ته هتي رٻڙ اسٽيمپ لڳندي رهي آهي.

دفاعي ماهر عمر فاروق مطابق پاڪستان جي سڀ کان اهم ڳجهي اداري آءِ ايس آءِ جي سربراهه جي مقرري وزيراعظم جو اختيار آهي ڇو ته آءِ ايس آءِ هڪ وفاقي ادارو آهي  ۽ بچاءُ واري وزارت جي هيٺيان ڪم ڪري ٿو. عام طور تي اهو ٿيندو آهي ته فوجي سربراهه پاران ٽي نالا وزيراعظم کي ڏنا ويندا آهن جن مان هڪ نالي تي هو فيصلو ڪري منظوري ڏيندا آهن. آءِ ايس پي آر پاران ليفٽننٽ نديم انجم کي آءِ ايس آءِ سربراهه طور مقرري جي اعلان بابت ڳالهه ڪندي چيو ويو ته فوج پاران ان کي ”معمول جي مقرري“ چوڻ جو مطلب ته طريقيڪار ۾ ٿورڙي تبديلي ڪئي وئي آهي.  وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته آءِ ايس آءِ جي نئين ڊي جي جي مقرري جي معاملي تي وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي وچ ۾ صلاح مشورن جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي. جڏهن ته آءِ ايس آءِ جي سربراهه طور وزيراعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف وچ ۾ ٿيل گڏجاڻي دوران ياسر محمود چيما جو نالو به ورتو ويو آهي. هاڻي جيستائين ڪو باقائدي نوٽيفيڪشن جاري نه ٿو ٿئي ان بابت ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.