حيدرآباد ۾ سيمينٽ جي ڊيپو تي ڪم ڪندڙ پورهيت حملي ۾ مارجي ويو

حيدرآباد(رپورٽر) بلديا ٿاڻي جي حد حر ڪيمپ جي جتوئي چوڪ وٽ اسلم ڀٽي سيمينٽ ڊيپو تي ڪم ڪندڙ مزدور 35 ورهين جي وحيد  علي پٽ گل حسن ڊومڪي تي موٽرسائيڪل تي سوار ٻه هٿياربند فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا، فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب وحيد علي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، واقعي جي اطلاع تي بلديا پوليس پھچي مقتول جي لاش کي کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو، ان دوران ايس پي ھيڊ ڪوارٽر انيل حيدر به اسپتال پھتو، جنھن سندس وارثن سان ملاقات ڪري معلومات ورتي ۽ کين جوابدار جلد گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، بعد ۾ پوليس لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته ابتدائي جاچ موجب واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي، جڏھن ته ان سلسلي ۾ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، مقتول ھن وقت گھانگھرا موري واري علائقي ۾ رھندو هو، جڏھن ته ھو اصل جيڪب آباد جو رھواسي ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.