اهم مقرريون ”جن“ ڪن ٿا، عمران،نوازشريف بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪري: مريم نواز

اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز سول ۽ ملٽري وچ ۾ لاڳاپن ۽ نئين ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جي مقرريءَ ۾ دير تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان  اهم مقررين تي ملڪ کي تماشو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ وزيراعظم جي جاءِ تي اهم مقرريون جِنَ ڪندا آهن،اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته سچ کي هڪ ڏينهن ضرور سامهون اچڻو آهي، آئين جيڪو اختيار هڪ چونڊيل وزيراعظم کي ڏيندو آهي، ان تي ڪي ٻه رايا ناهن پر عمران خان آئيني وزيراعظم نه آهي، هن نواز شريف جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو آهي.هن چيو ته جيڪو شخص جادو ٽوڻي ۽ جهاڙ ڦوڪ سان حڪومتي معاملا هلائيندو آهي ۽ ملڪ جون اهم مقرريون، جنهن جو واسطو پاڪستان جي سلامتي سان سڌي ريت آهي، جادو ٽوڻي سان ڪندو هجي، وزيراعظم جي جاءِ تي اهم مقرريون جِنَ ڪندا هوندا، سندس ٽائمنگ اهي طئي ڪندا هجن ته اهڙين حالتن ۾ دنيا آڏو تماشو ڪا حيرت جي ڳالهه نه آهي.مريم نواز نالو کڻڻ کان سواءِ چيو ته آئون سمجهان ٿي ته جِنَ عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ڇو نٿا ٿين ۽ رڳو اهم مقررين جي وقت ئي ڇو ٿا ظاهر ٿين، جنتر منتر ۽ جنن ذريعي اٽو، کنڊ ۽ ٻيون شيون سستيون ڇو نٿيون ڪيون وڃن.ن ليگ نائب صدر چيو ته ملڪ جو تماشو بڻجي چڪو آهي، اوهان هڪ شخص کي روڪڻ چاهيو ٿا، ڇو جو هو اوهان جي حڪومت هلائيندو آهي، اهو اوهان جي مخالفن کي ڌوئي ڇڏيندو آهي، ڇا اوهان قوم کي بيوقوف سمجهو ٿا ته اهم مقررين پٺيان ڪهڙو عوام آهي.هن چيو ته حڪومت کي ووٽ کي عزت ڏيو ياد اچي ويو آهي، اوهان کي نواز شريف بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گھرجي، ڇو جو هو آئيني وزيراعظم هو.سندس چوڻ هو ته عمران خان کان پڇڻ چاهيان ٿي ته هن جي سياسي سڃاڻپ ڇا آهي؟ عمران جي سياسي سڃاڻپ چونڊيل حڪومت جي خلاف سازش ۽ 126 ڏينهن ڌرڻو ڏيڻ آهي.ن ليگ اڳواڻ چيو ته اسان جي پارٽي عوام سان گڏجي جدوجهد ڪرڻ چاهي ٿي ته ايندڙ ڪو به وزيراعظم، عمران خان جيان مهرو بڻجي سامهون نه اچي، حڪومت مخالف سياسي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جون سموريون جماعتون هڪ پيج تي آهن، هنن ۾ ڪو به اختلاف نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.