مهانگائي جو بنيادي سبب اڳوڻين حڪومتن جا ورتل قرض آهن: فواد چوڌري

اسلام آباد (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جو بنيادي سبب اڳوڻين  حڪومتن جا ورتل قرض آهن، حڪومت کي هن سال 12 ارب ڊالر جو قرض واپس ڪرڻو آهي ته سبسڊي لاءِ ڇا بچندو، اڳوڻين حڪمرانن قرض کڻي ٻاهرين ملڪ جائيدادون ٺاهيون، بدقسمتي سان گذريل 20 سالن کان اسان هر شيءَ ٻاهران گهرائي رهيا آهيون، سڄي دنيا ۾ شين جي قيمتن ۾ بي پناهه اضافو ٿيو آهي، سي سي او سمٽ کي خطاب ڪندي هن  چيو ته جرمني پاڪستان کان تقريبن 300 کان 400 ملين ڊالر جي سرجيڪل اوزار خريد ڪري ڀارت کي 700 ملين ڊالر ۾ وڪرو ڪندو آهي جنهن جو مطلب آهي ته اسان وٽ پنهنجي روانگي واپار کي ويليو ايڊ ڪرڻ جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، مون کي اميد آهي ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ سمورا رخ تبديل ڪري اسان پنهنجي پيرن تي بيٺل هونداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.