نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ لاءِ 3 نالا تجويز،سمري ناهي ملي: سرڪاري ذريعا

اسلام آباد(م ڊ+اي پي پي) نئين ڊائريڪٽر جنرل انٽرسروسز انٽليجنس (آءِ ايس آءِ) جي مقرري لاءِ سمري وزيراعظم آفيس کي ملي وئي آهي، ذريعن مطابق نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري لاءِ سمري دفاع وزارت پاران موڪلي وئي آهي، حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته دفاع واري وزارت ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي سمري ۾ ٽي نالا تجويز ڪيا آهن، سمري ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي  ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم جو نالو آهي،سمري ۾ چيف آف لاجسٽڪ اسٽاف جي ايڇ ڪيو ليفٽيننٽ جنرل ثاقب محمود ملڪ جو نالو به شامل آهي، حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته سمري ۾ ٽيون نالو ڪورڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل سرفرازعلي جو آهي، ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي وچ ۾ نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري لاءِ مشاورت جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ نئين مقرري جو پراسيس شروع ٿي چڪو آهي. اربع ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر سول ۽ فوجي قيادت اهو ثابت ڪيو آهي ته ملڪ جي استحڪام سالميت ۽ ترقي لاءِ سڀئي ادارا متحد ۽ هڪ آهن.هوڏانهن ڊان ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري بابت نوٽيفڪيشن جلد جاري ٿي ويندو، ڪجهه معاملن ۾ حڪومت پاران به ڪوتاهيون ٿيون هونديون، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ اليڪٽورل پراسيس کي قابل اعتبار نٿو سمجهيو وڃي، سياستدانن کي ذميواري جو مظاهرو ڪري چونڊ سڌارن ڏانهن وڌڻو پوندو، اسان کي وڏن فيصلن ڏانهن وڌڻ گهرجي، هن چيو ته اسان جي سياست جي بدقسمتي آهي ته اختلافن کي رنگ ڏئي اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي حڪومت خلاف سازشون ڪيون وينديون آهن، هوڏانهن جيو نيوز موجب اعلي سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ بابت تجويز ڪيل نالن جي سمري وزيراعظم هائوس ناهي موڪلي وئي، سمري ۽ گردش هيٺ نالن بابت خبرون بي بنياد آهن، ان حوالي سان چئوٻول افسوسناڪ آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.