نواز سزا يافته آهي، مريم جي ملڪيت ڪهڙا جن ۽ جنڙيون ٻاهرکڻي ويا: وفاقي سرڪار

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم جي ترجمانن چيو آهي ته نواز شريف سزا يافتا آهي، اهو مريم کي ئي نيبهه هجي. مريم جي بيان تي مملڪتي  وزير فرخ حبيب چيو ته  اسان سزا کاڌل ناهيون جو نواز شريف ٿيون، اهو مريم کي مبارڪ هجي. وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل چيو آهي ته جادو ٽوڻي جي ڳالهيون اسان کي نه ٻڌايو، جِنن جون ڳالهيون توهان جي واتان سٺيون نه ٿيون لڳن. ن ليگ نائب صدر مريم نواز جي بيان تي ردعمل ڏيندي شهباز گل چيو ته توهان جا پئسا ڪهڙا جِن ۽ جنڙيون ٻاهرين ملڪ کڻي ويا؟ هن چيو ته نواز شريف ٿيڻو ناهي پوندو، اهو پيدا ٿيندو آهي، نواز شريف روز روز پيدا ناهن ٿيندا، هر 200 سالن کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن، پهريون نواز شريف، مير جعفر جي شڪل ۾ پيدا ٿيو هو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.