پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ اٽي جو مڻ 730 رپيا مهانگو

اسلام آباد (م ڊ) پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ اٽو مهانگو وڪرو ٿي رهيو آهي، ڪالهه اسلام آباد۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جي وفاقي وزير  فخر امام جي صدارت هيٺ ڪڻڪ جي حوالي سان هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ويو ته پنجاب ۽ اسلام آباد جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ اٽي جي 20 ڪلو وارو ٿيلهو 365 رپيا مهانگو آهي، پنجاب ۽ سنڌ ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1100 رپيا جڏهن ته سنڌ ۾ 1465 رپين کان وڌيڪ آهي، اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت پاران چيو ويو ته سنڌ وفاق جي مقرر ڪيل اگهه تي ڪڻڪ 16 آڪٽوبر کان رليز ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

گورنر کي شايد ڪڻڪ پيداوار، کپت ۽ پروڪيورمينٽ جي ڄاڻ ناهي: سعيد غني

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته گورنر کي شايد ڪڻڪ جي پيداوار، ان جي کپت ۽ پروڪيورمينٽ جي  حوالي سان ڪا ڄاڻ ناهي، کيس خبر هجي ها ته پنهنجي حڪومت جي نالائقي لڪائڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون نه ڪري ها. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي ڪڻڪ اگهن بابت بيان تي ردعمل ڏيندي سعيد غني پنهنجي ويڊيو بيان ۾ چيو ته ملڪي کپت 2 ڪروڙ 80 لک ميٽرڪ ٽن، جڏهن ته پيداوار 2 ڪروڙ 70 لک ٽن آهي ۽ ان مان 2 ڪروڙ ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پنجاب ۾ پيدا ٿيندي آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ ضرورت کان وڌيڪ ڪڻڪ جي پيداوار باوجود اتي اٽي جي کوٽ ۽ اگهن ۾ واڌ گورنر صاحب کي نظر نه پئي اچي، پنجاب ۾ جيڪو اٽو استعمال ٿيندو آهي، اهو ڪراچي ۾ استعمال ناهي ٿيندو ۽ جيڪو فائن اٽو هتي استعمال ٿي رهيو آهي، ان جي قيمت پنجاب ۾ به 70 رپين کان وڌيڪ آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت 15 آڪٽوبر کان پروڪيورمنٽ ڪيل 12 لک ٽن ڪڻڪ رليز ڪرڻ شروع ڪري رهي آهي، ڪڻڪ رليز ٿيڻ کانپوءِ اگهن ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي ويندي.03

سنڌ ۾ اٽو مهانگو ٿيڻ جي ذميوار سنڌ سرڪار آهي: گورنر

ڪراچي (رپورٽر) گورنر عمران اسماعيل طرفان سنڌ ۾ اٽو مهانگو ٿيڻ جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو، گورنر عمران اسماعيل  چيو  آهي ته پنجاب ۾ ڪڻڪ جاري ٿيڻ بعد اٽو 55 رُپيا في ڪلو ملي ٿوميڊيا سان ڳالھائيندي عمران اسماعيل چيو تھ  سنڌ ۾ اٽي جو اگهه 74 رُپيا في ڪلو آهي، اڄ مهانگائي آهي ته سرڪاري ڪڻڪ جاري ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ ٻڌايو وڃي ته 16 آڪٽوبر تي ڪڻڪ جاري ڪرڻ پويان ڪهڙا ڪارڻ آهن؟گورنر سنڌ چيو تھ خدشو آهي ته سنڌ ۾ نومبر کان اڳ سرڪاري ڪڻڪ جاري نه ڪئي ويندي، اڳتي هلي مهانگائي ٿئي ته عمران خان کي گهٽ وڌ نه چئجو، صوبي ۾ مهانگائي جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.