بحريا ٽائون ڌرڻي تي هڪ کان وڌيڪ ڪيسن خلاف جلد ٽرائل جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ بحريا ٽائون آڏو ڌرڻي ڪيس ۾ هڪ کان وڌيڪ  ايف آءِ آرز داخل ڪرڻ خلاف درخواستن تي جلد ٽرائل جو حڪم ڏنو آهي ، عدالت فيصلي جي نقل ڪاپي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڏانهن اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. پوليس 27 ايف آءِ آرون سي ڪلاس ڪرڻ بابت عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آھي، پوليس ۽ بحريا ٽائون انتظاميا جي فرياد تي داخل 2 ڪيس چالان ڪيا ويا، جن جو ٽرائل دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلايو ويندو. درخواستن تي ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته ٻن ڪيس ۾ 56 ڄڻا نامزد آهن، جن مان 6 ڪارڪن جيل ۾ آهن.عدالت سوال ڪيو ته اهُي 6 ڪارڪن جيل ۾ ڇو آهن؟، سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته انُهن ڪارڪنن اڃا تائين ضمانت ناهي ڪرائي، عدالت ۾ درخواست گذارن جي وڪيل چيو ته ملير جي ڪيسن جي سي ڪلاس رپورٽ عدالت ۾ پيش نه ڪئي وئي آهي .سرڪاري وڪيل چيو ته ملير عدالت سي ڪلاس جي رپورٽ پيش ڪئي آهي جيڪا منظور ٿي وئي آهي .عدالت ٽرائل ڪورٽ کي جلد معاملو اڪلائڻ جي هدايت ڪندي سيد جلال محمود شاهه ۽ ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو جون درخواستون اڪلائي ڇڏيون آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.