ڄام ڪمال پارٽي صدارت ڇڏڻ تان ڦري ويو، بي اي پي ۾ ڏار

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) بلوچستان عوامي پارٽي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، ڄام ڪمال پارٽي صدارت تان استعيفيٰ واري اعلان تان ڦري ويو،  ڄام ڪمال مخالف ظهور احمد بليدي کي قائم مقام صدر مقرر ڪري پارٽي سيڪريٽري  منظور ڪاڪڙ اليڪشن ڪميشن کي ليٽر لکي آگاهه ڪري ڇڏيو، نامياري صحافي شاڪر سولنگي پنهنجي وي لاگ ۾ ٻڌايو ته ڄام ڪمال پنهنجن حامين کي چيو ته ٽوئيٽر تي پارٽي صدارت ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو اهو واپس وٺان ٿو، ڇاڪاڻ ته پارٽيءَ  کي لکت ۾ استعيفيٰ نه ڏني آهي، ان ڪري پارٽي جو صدر آءُ ئي آهيان، هڪ طرف وڏ وزارت بچائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي، ٻئي طرف نئين بحران کي جنم ڏئي ويٺو آهي. جڏهن ته ڄام ڪمال جا لف به ڪا حڪمت عملي جوڙي نه سگهيا آهن، ته ڄام ڪمال کي بي اعتمادي رٿ ذريعي هٽائڻ  کان پوءِ وڏو وزير ڪير ٿيندو، ڪيترائي اميدوار صدريون سبايون ويٺا آهن، بحرحال بلوچستان جو سياسي بحران سنگين ٿيندو پيو وڃي.

مائنس ون کانسواءِ ڪو آپشن قبول ناهي:بليدي جو خٽڪ کي جواب

اسلام آباد (م ڊ) دفاعي وزير پرويز خٽڪ سان بلوچستان عوامي پارٽي جي وقتي صدر ظهور بليدي ملاقات ڪري واضح ڪيو آهي ته مائنس ون  انسواءِ  ٻيو ڪوبه فارمولو قبول ناهي، اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات ۾ بلوچستان جو اسپيڪر عبدالقدوس بزنجو، سينيٽر منظور ڪاڪڙ ۽ سينيٽر ڪهده بابر شرڪت ڪئي. سردار عبدالرحمان کيتران، نصيب الله بازئي سميت ٻيا موجود هئا. ذريعن موجب پرويز خٽڪ ناراض ميمبرن کي اختلاف ختم ڪرڻ تي زور ڀريو پر ظهور بليدي انڪار ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.