کنڊ مهانگي هجڻ سبب 50 هزار ميٽرڪ ٽن گهرائڻ وارو ٽينڊر رد

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت 50 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ جي امپورٽ جو ٽينڊر مهانگو هجڻ سبب رد ڪيو ويو آهي، کنڊ گهرائڻ لاءِ گهٽ ۾  گهٽ 689 ڊالر في ٽن جي ٻولي لڳي هئي. ان حساب سان کنڊ 117 رپيا في ڪلو جي حساب سان بندرگاهه تي پهچندي، جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽورن تي پهچائڻ جي خرچن سان کنڊ جو في ڪلو 130 رپيا ٿي ويندو. ياد رهي ته کنڊ جو سرڪاري اگهه 89 رپيا 75 پئسا مقرر ٿيل آهي، اوپن مارڪيٽ ۾ 115 رپيا في ڪلو آهي، جڏهن ته گذريل سال ٻاهران گهرايل کنڊ يوٽيلٽي اسٽورن تي 123 رپيا في ڪلو پئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.