سول ۽ ملٽري لاڳاپن ۾ خوشگواري وارو تاثر ختم ٿي ويندو: تجزئي نگار

اسلام آباد(م ڊ) آءِ ايس آءِ سربراهه جي مقرري ۽ سياسي پارٽين جي ڪردار جي حوالي سان بحث ڏينهون ڏينهن تيز ٿيندو پيو وڃي. تجزئي نگارن جو خيال آهي ته هلندڙ تڪرار سان سول ۽ ملٽري لاڳاپن ۾ خوشگواري وارو تاثر ختم ٿي ويندو، جڏهن ته ڪجهه تجزئي نگارن جو خيال آهي ته ان حوالي سان ن ليگ ۽ پ پ جو ڪردار انتهائي ناڪاري آهي. تجزئي نگارن جو اهو به خيال آهي ته سياسي پارٽين کي ان حوالي سان عمران خان جي موقف جي حمايت ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو جمهوريت لاءِ مثبت ثابت ٿيندو ۽ ان ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار به سياسي معاملن ۾ گهٽجي ويندو. مشهور تجزئي نگار ايڪسپريس ٽربيون جي اڳوڻي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر ضيا الدين چيو ته ن ليگ ۽ پ پ کي وزيراعظم جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، تجزئي نگار حبيب اڪرم جو چوڻ آهي ته ن ليگ جي موجوده سياسي موقف سان اهو تاثر ويندو ته پارٽي پرو اسٽيبلشمينٽ لائن اختيار ڪري ورتي آهي. سپريم ڪورٽ بار جي صدر لطيف آفريدي جو چوڻ آهي ته آءِ ايس آءِ چيف جي مقرري ۾ قانوني مونجهارا آهن، نه صرف اهو پر منهنجي خيال ۾ سڄي اداري جي حوالي سان ابهام آهن ته ڪهڙي طرح ڪم ڪري ٿو، ان جا ڪهڙا اختيار آهن، ان جون ڪهڙيون حدون آهن؟ ان حوالي سان قانون موجود ناهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته آءِ ايس آءِ چيف جي مقرري ۽ ان جي اختيارن جي حوالي سان قانون جوڙيو وڃي.

 اسٽيبلشمينٽ ۽ ن ليگ ۾ شهباز شريف کي وزيراعظم ڪرڻ تي اتفاق

لاهور (عوامي آواز نيوز) ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم شهباز شريف هوندو اسٽيبلشمينٽ ۽ ن ليگ ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن، ان جي ڀڻڪ عمران خان کي به پئجي وئي آهي، نامياري صحافي امداد سومري پنهنجي وي لاگ ۾ چيو  آهي ته مريم نواز ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان تي جيڪي اعتماد سان حملا ڪيا آهن، ان مان صاف ظاهر آهي ته هاڻ عمران خان پنهنجو نقصان ڪري چڪو آهي ۽ کيس سهارو ڏيڻ واري ڪابه قوت موجود نه آهي، سڀ پٺتي هٽي ويا آهن، خود وزيرن  جا بيان به پريشاني  ظاهر ڪري رهيا آهن، هڪ وزير چوي ٿو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ  وارو معاملو حل ٿي ويو آهي، ٻيو وزير چوي ٿو ته اڃان مسئلو  حل نه ٿيو آهي آرمي چيف 3 کان 5 نالا موڪليندو ان مان عمران خان هڪ نالي جي منظوري ڏيندو، مريم نواز  ته ان تي چئي ڇڏيو ته حساس قسم جون مقرريون بدليون جادو يا ٽوڻن ڦيڻن سان نه ٿينديون  آهن ان لاءِ عقل جي ضرورت هوندي آهي سو بحرحال اهو طئي ٿي ويو آهي ته ايندڙ حڪومت ن ليگ جي آهي، عمران خان سڀ ڪجهه وڃائي چڪو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.