ليفٽيننٽ جنرل آرمي چيف جي حڪم جو پابند، وزيراعظم مداخلت نه ڪري: فضل الرحمان

اسلام آباد (م ڊ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ليفٽيننٽ جنرل آرمي چيف جي حڪم جو پابند آهي، جڏهن ته وزيراعظم  هڪ غلط ڳالهه تي جاهلاڻي انداز ۾ بيٺو آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته هر هر تي صورتحال تبديل ٿي رهي آهي، وڏي عقلمندي سان انهن حالتن مان نڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته ليفٽيننٽ جنرل آرمي چيف جي حڪم جو پابند آهي، وزيراعظم هڪ غلط ڳالهه تي جاهلاڻي انداز ۾ بيٺو آهي، وزيراعظم کي ان حد تائين مداخلت نه ڪرڻ گهرجي جو نظام متاثر ٿئي، سڀ معاملا مشاورت سان هلندا آهن.پي ڊي ايم سربراهه چيو ڏکيائيون ان ڪري آهن ته پارليامينٽ ۾ فوج ۽ فوج جي ڪم ۾ ڪنهن ٻئي مداخلت ڪئي، ملڪ تي مڙهيل ماڻهن کي قوم کي آزاد ڪرائڻ چاهيون ٿا، هي حڪمران ملڪ کي ٻوڙڻ لاءِ آيا آهن.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.