ڪراچي پوليس 200 کن هيروئني درگاهه شاهه يقيق تي ڇڏي وئي

چوهڙجمالي(ن ع آ) ڪراچي پوليس طرفان نشي جي عادين ۽ هيروئنين مان جان ڇڏائڻ جوانوکو ڪارنامو، ڪراچي پوليس ٻه سئو جي لڳ ڀڳ  فسياتي مريضن ۽ هيروئنين کي پڪڙي چوهڙجمالي لڳ درگاه شاه يقيق اسٽاپ اڳيان ڦٽو ڪري رواني ٿي ويئي جڏهن ته ڪراچي کان کنڀجي پهتل نفسياتي مريض ۽ موالي چوهڙجمالي شهر ۽ ٻهراڙين ۾ ٽولن جي صورت ۾ ڪاهي پيا، موالين جا ڪٽڪ ڏسي شهر واسي ڳڻتي ۾ وٺجي ويا اهڙي صورتحال بعد ايس ايس پي سجاول امداد شاھ سخت نوٽيس ورتو جنهن بعد چوهڙ جمالي پوليس حرڪت ۾ اچي ويئي ۽ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 40 کان وديڪ هيروئنين ۽ نفسياتي مريضن کي پڪڙي ڪري ٿاڻي تي آندو جتي ضروري ڪاروائي بعد کين پوليس لائين کان موڪليل مزدا گاڏي ۾ ايدهي هوم ڪراچي روانو ڪري ڇڏيو انهيء موقعي تي شهر جي سماجي ورڪرن طرفان ڪراچي جي بکن ۾ پاھ ٿيل هيروئنين کي برياني فراهم ڪئي ويئي، ٻئي طرف ڪراچي مان کنڀجي آيل قاسم، افضل ، ولي محمد ۽ ٻين ٻڌايو ته گلبرگ ٿاڻي ۽ اورنگي سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس رستن تي گهمندڙ نفسياتي مريضن توڙي نشو واپرائيندڙ هيروئنين موالي کي مختلف بهانن سان گڏ ڪري دوکي سان رات پيٽ ۾ درگاه شاھ يقيق تي ڦٽو ڪيو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.