نوابشاهه ڀرسان وحشي نوجوان پنهنجي امڙ کي قتل ڪري ڇڏيو

نوابشاھ(ڊ ر) نوابشاھ لڳ ھڪ وحشي صفت پُٽ ماءُ جھڙي مقدس رشتي جو تقدس پامال ڪندي سڳي ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو جوابدار گرفتار  ڏوھ جو اعتراف خبر موجب نوابشاھ ڀرسان تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ خير شاھ ۾ ھڪ وحشي ظالم پٽ 25 ورھين جي راشد خاصخيلي پنھنجو رت ست راتين جا اوجاڳا ڏئي جوان ڪندڙ پنھنجي ماءُ 45 ورھين جي مسمات حسينا خاصخيلي کي ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو جنھن جو لاش پي ايم يو اسپتال نوابشاھ آندو ويو ضروري ڪاروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ٻئي طرف انھي المناڪ واقعو ٿيڻ کانپوءِ جوابدار کي قتل ۾ استعمال ٿيل ڪھاڙي سميت گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي تعلقي ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آھي ته راشد خاصخيلي جو ذھني توازن صحيح ناھي راشد خاصخيلي پنھنجي ماءُ کان تعويز وٺي ڏيڻ جو چيو تعويز نه وٺي ڏيڻ تان پٽ ماءُ کي ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.