ماڻهو ڇا به چون، وزيراعظم ملڪ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو: ارباب رحيم

ميرپورخاص(بيورو)وزير اعظم پاڪستان  جي پوليٽيڪل افيئر سنڌ جي  صلاحڪار ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، ايڊ وڪيٽ سياسي ۽   سماجي  اڳوڻ ملڪ راجا عبدالحق پاران منعقد  ٿيندڙ  رحمت العالمين (ص) ڪانفرنس ۾ مهمان خاص جي حيثيت سان خطاب ڪندي چيوته جڏهن اهڙيون محفلون منعقد ٿينديون آهن  تڏهن ان ۾ فرشتا به شريڪ ٿيندا آهن  اهڙيون محفلون ڪرائڻ سان اسان جي عزت، ڪاروبار ۾ واڌارو اچي ٿو  اسان کي دنيا ۽ آخرت ۾ انهن جو اجر ملي ٿو هن چيوته ماڻهن جي  وزير اعظم پاڪستان عمران خان جي باري ۾ جيڪا به سوچ هجي  منهنجي نظر ۾ هو هڪ سٺو ماڻهو آهي ۽ هو هن وقت بدلجي چڪو آهي  هو هن وقت دين جي ڳالهه ڪري رهيو آهي  هو جڏهن سياست جي  ڳالهه ڪندا آهن تڏهن به هو رياست مدينه ۽  نبي پاڪ صلي الله  عليه وآله وسلم جي ڳالهه ڪندا آهن  هن وقت هو سوچي رهيا آهن ته موبائل سان پيدا ٿيندڙ خرابين کي ڪيئن روڪيون محفل ۾مفتي شريف سعيدي، حمزه نقوي، مولانه عبدالله، مولانه حفيظ الرحمان فيض ۽ ٻين رحمت العالمين (ص)  ڪانفرنس  ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.