17 آڪٽوبر جو جلسو، سعيد غني پاران تيارين جو جائزو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات کاتي جي وزير ۽ صدر پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن سعيد غني، وڏي وزير جو خاص معاون ۽ جنرل سيڪريٽري  پيپلز پارٽي سنڌ وقار مهدي، سردار خان، لالا رحيم، اقبال ساند، فرحان غني، شڪيل چوڌري، جاني ميمڻ ۽ ٻين باغ جناح ۾ 17 آڪٽوبر تي شهداء سانحي جو ڪارساز کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي حوالي سان پيپلز پارٽي سنڌ پاران   رٿيل جلسي جي تيارين جو جائزو ورتو، اڳواڻن جلسي جي تيار ٿيڻ واري اسٽيج، عورتن انڪلوزر سميت ٻين حوالن جي بابت هدايتون ڏنيون. جلسي   جي تيارين لاءِ ٺاهيل ڪميٽي جي انچارج سردار خان پارٽي جي اڳواڻن کي جلسي لاءِ  تيارين، پارڪنگ لاءِ مختص جڳهين سميت ٻين انتظامن  بابت آگاهه ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.