جوتن ۾ ڏيڍ ڪروڙ جي هيروئن لڪائي دبئي ويندڙ مسافر گرفتار

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ۾ جناح انٽر  نيشنل ايئرپورٽ تي سيڪيورٽي فورس ڪارروائي ڪندي ڪروڙين رپين جي ماليت جي هيروئن جي اسمگلنگ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي مسافر کي گرفتار ڪري ورتو، امارات ايئر لائين جي اڏام ذريعي دبئي ويندڙ هڪ مسافر جوتن ۾ 1560 گرام هيروئن لڪائي کڻي وڃي رهيو هو، ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس مسافر کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار جي سڃاڻپ سجاد حسين نالي سان ٿي آهي، اي ايس ايف عملي موجب هٿ آيل هيروئن جي ماليت ڏيڍ ڪروڙ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.