هڪ سال اڳ پراسرار طور تي گم ٿيل ”جيڪ ما“ ڪٿي نظر آيو؟

دنيا جي ناليواري ترين آن لائن اِي ڪامرس جي ڪمپنين منجهان هڪ چيني ڪمپني علي بابا جي شريڪ، باني ۽ اڳوڻي ايگزيڪيوٽو چيئرمين جيڪ ما کي ڊگهي عرصي کانپوءِ هانگ ڪانگ ۾ ڏٺو ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب جيڪ ما هن وقت هانگ ڪانگ ۾ موجود آهي جتي هن ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون آهن.

روئٽرز موجب جيڪ ما گذريل سال شنگهائي ۾ ٿيندڙ هڪ ڪانفرنس ۾ چيني اختيارين تي تنقيد ڪئي هئي جنهن کانپوءِ هو تمام گهٽ منظر عام تي نظر آيو آهي.

هلندڙ سال جنوري ۾ سرڪاري ميڊيا ۾ ان جي هڪ وڊيو سامهون آئي هئي جنهن ۾ کيس ٻهراڙي جي علائقن ۾ استادن جي حوالي سان هڪ سوشل ويلفيئر پروگرام ۾ آن لائن شرڪت ڪندي ڏٺو ويو.

ان جي گم ٿيڻ تي مختلف افواهه گردش ڪري رهيا هئا ته هو ڪٿي گم ٿي ويو، ٻڌايو ويو آهي ته اهو جيڪ ما جو گذريل سال کانپوءِ پهريون هانگ ڪانگ جو دورو آهي.

واضح رهي ته دنيا جي امير ترين ماڻهن ۾ مان هڪ جيڪ ما 2018 ۾ علي بابا کي الوداع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.