نواب شاھ ، کپرو ، مهر ڊٻائي ، ۽ ڏهرڪي جون خبرون

نواب شاھ ۾ جيءُ جهوريندڙ واقعو،سپارين جا پئسا نه ڏيڻ تان پٽ هٿان پيرسن امڙ قتل

نواب شاھ :پوليس حملي سميت اغوا ۽ ٻيا ڏوهه ثابت،7 جوابدارن کي 24 سال قيد

کپرو واسي شخص پاران بااثرن جي ڏاڍ خلاف احتجاج

سنڌ جي تعليمي ادارن سميت ٻين ادارن جي مالڪي ڪرڻي پوندي:مهر ڊٻائي

ڏهرڪي: ڳجهي اطلاع تي پوليس جو ڇاپو، وڏي مقدار ۾ شراب هٿ

1

نواب شاھ ڀرسان ڳوٺ خير شاھ ۾ ظالم پٽ راشد خاصخيلي  پنھنجي ماء مسمات حسينہ خاصخيلي  کي ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو, ٻڌايو پيو وڃي ته راشد پنھنجي ماء کان سوپارين جا پئسا گھريا , پئسا نه ڏيڻ تان پٽ ڪھاڙين جا وار ڪري پنھنجي پير سن 45 ورهين جي  ماء کي قتل ڪري ڇڏيو ، پيرسن عورت جو لاش پي ايم سي اسپتال آندو ويو جتي ضروري ڪاروائي بعد مائٽن حوالي ڪيو ويو،  جوابدار کي تعلقي ٿاڻي جي پوليس گرفتار ڪري ورتو .

2

نوابشاهه جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ستن جوابدارن کي 24 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي جوبدارن مٿان ڪجھه وقت اڳ ائيرپورٽ ٿاڻي تي پوليس تي حملو ڪرڻ سپاھي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ۽ گھر اندر ھينڊ گرنيڊ رکڻ جو ڪيس داخل هو،جوبدارن ۾ قادر بخش عرف ڏاڏو لاکو،عابد لاکو،آصف لاکو،شاھد لاکو،ساجد لاکو،وقار ڀٽي محرم ملاح شامل آھن

3

کپرو واسي محمد مالڪ ولد الهرکيو آرائين پاران بااثرن جي ڏاڍ خلاف مين چوڪ تي احتجاج ڪيو ويو، متاثر محمد مالڪ چيو ته برادري جي بااثرن فرمان علي۔ اشفاق علي۔ ارشاد علي۔ الطاف علي۔ رمظان  ۽ ٻين جي ظلمن کان تنگ ٿي ويو آھيان جيڪي آئي ڏينهن حملا ڪري نقصان پهچائڻ چاهين ٿا،  هن چيو اهڙي دانهن کپرو ٿاڻي تي پڻ ڏني آھي، هن وس وارن سميت ڊي آئي جي شھيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي سانگھڙ کان انصاف جي گهر ڪئي آھي۔

4

سنڌ عوامي سٿ جي سرواڻ انقلابي شاعر مهر ڊٻائي چيو  آهي ته سنڌ عوامي سٿ غير سياسي  تنظيم آهي جيڪا سنڌ جي حقن جي لاء بنيادي مسئلن تي ڪم ڪري رهي آهي ڀرياروڊ ۾ مجيد ڪيريو جي رهائش گاهه تي تنظيمي گڏجاڻي دوران ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ کي کپائڻ جي سازش پئي ٿئي ۔ افغاني پٺاڻن کي آباد ڪري سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي۔  سنڌي ماڻهن کي پنهنجي گهرن ٻچن ۽ ڌرتي جي بقا جي لاء سجاڳ ٿيڻو پوندو پنهنجي تعليمي ادارن جي مالڪي ڪرڻي پوندي ۔هن چيو ته استادن  جي ٽيسٽ کي مذاق بڻايو ويو آهي ۔ ان موقعي علي مدد ڪيريو۔مجيد ڪيريو۔استاد محمد بخش سهتو ۽ ٻين قومي گيت ٻڌائي واهه واهه ڪرائي ڇڏي۔جڏهن ته تنظيمي گڏجاڻي  دوران وڏي انگ ۾ ڪارڪنن سميت سنڌ عوامي سٿ جي مرڪزي اڳواڻن رياض کيمٽيو۔احسان علي  جمالي محبوب رند ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

5

ڏهرڪي  پوليس  ڳجهي اطلاع تي شهر اندر ڪارروائي ڪري نقلي شراب تيار ڪندڙ فيڪٽري مان وڏي مقدار ۾ شراب هٿ ڪري ورتو،پوليس موجب ڪچو شراب تيار ڪري بوتل ۾  مختلف برانڊ جا اسٽيڪر لڳائي شراب پيڪ ڪيو پئي ويو ،ڪچو شراب تيار ڪرڻ وارو ڪيميڪل به هٿ  ڪيو ويو، سوين ليٽر ڪچو شراب ۽ اسٽيڪر به هٿ ڪيا ويا، جوابدر ڄام شيخ ،عبدالمجيد ڏهر ۽ ٻيا فرار ٿي ويا .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.