ڪم جانگ اُن کي خوش ڪرڻ لاءِ فوجين جا حيران ڪندڙ خطرناڪ اسٽنٽ

اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جانگ اُن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ ۽ ان جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جي لاءِ فوجي جوانن خطرناڪ اسٽنٽس ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

اتر ڪوريا جي سرڪاري ميڊيا طرفان جاري وڊيو ۾ فوجين کي هٿن ۽ مٿي سان سِرن کي ٽوڙيندي ڏسي سگهجي ٿو.

انکانسواءِ لوهه جي راڊ کي ڳلي تي رکي موڙڻ، مٿي ۽ جسم جي ٻين حصن سان ڏنڊا ڀڃڻ، شيشي جي ٽڪرن ۽ ڪوڪن واري بستر تي سمهڻ ۽ رنجيرن کي ٽوڙڻ جهڙا ڪرتب به ڏيکاريا.

فوجي جوانن جي مهارت کي ڏسي پنهنجي سيٽ تي براجمان ڪم جانگ اُن گهڻو خوش نظر اچي رهيو آهي ۽ تاڙيون وڄائي فوجين کي داد ڏئي رهيو آهي.

فوجي جوانن ويڙهه جي حوالي سان مهارت ۽ تيارين جا اهڙو مظاهرو پيانگ يانگ ۾ ٿيندڙ ڊفينس نمائش ۾ ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.