ڀارتي پورٽ تان پاڪستان، ايران ۽ افغانستان لاءِ سهولتن جي بندش

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ڀارت جي سڀ کان وڏي پورٽ جي آپريٽر پاڪستان، افغانستان ۽ ايران کي ڪارگو هينڊلنگ جو سهولتون ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

فرانسيسي خابرو اداري موجب ڀارتي پورٽ آپريٽر اڏاڻي پورٽس چيو آهي ته ايندڙ مهيني کان پاڪستان، افغانستان ۽ ايران جي ڪارگو کي سهولتون نه ڏنيون وينديون.

اڏاڻي پورٽس موجب واپاري ايڊوائيزري 15 نومبر کان اڏاڻي پورٽس جي ذريعي هلندڙ سمورن ٽرمينلز ۽ ٿرڊ پارٽي ٽرمينلز تي لاڳو هوندي.

ڪمپني طرفان اهڙي عمل جو ڪو به سبب بيان نه ڪيو ويو پر ها اهڙو قدم افغانستان مان ايندڙ لڳ ڀڳ 3 ٽن منشيات ضبط ڪرڻ کانپوءِ کنيو ويو آهي.

رپورٽن موجب ان منشيات جي لاڳت لڳ ڀڳ 2.65 ارب ڊالر هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.