ھالاڻي:سنڌي ادبي سنگت پاران ھاري اڳواڻ قاضي فيض محمد جي ورسي تقريب

ھالاڻي سنڌي ادبي سنگت شاخ پاران ڪامريڊ ھاري اڳواڻ قاضي فيض محمد جي 39 ورسي ملهائي وئي، ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ھالاڻي جي سيڪريٽري شريف سومرو، ڪائونسلر اقبال گاڏھي،۽ ٻين شاعرن اديبن صحافين سندس وارثن پاران مزار تي گلن جي چادر چاڙھي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي . ورسي تقريب جي صدارت شاعر اديب سنڌي ادبي سنگت خيرپور جي رابطا سيڪريٽري غلام علي عامر ڪئي جنھن ۾ مھمان خاص قاضي الطاف آل پاڪستان صحافت صوبي سنڌ جو صدر ظفر تڳر صحافي اديب مولا بخش ٿيٻو پروفيسر مقصود احمد  ميمڻ قاضي۽ ٻيا شريڪ ٿيا . تقريب ۾ ڳالهائينديد اديبن ۽ شاعرن چيو ته قاضي فيض محمد گھڻ رخي شخصيت جو  مالڪ هو پاڻ ڏاھو دانشور سياستدان ۽ اعلي انسان هو، ھن پنھنجي جدوجھد سان سنڌ جي ھارين کي پنھنجا حق وٺي ڏيارڻ لاء جيڪا جدوجھد ڪئي ان ۾ ڪيترائي دفعا جيل پڻ ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.