هوسڙي: پورهيت جي ڪکائين گهر کي باهه ، الهه تلهه رک، مدد جي اپيل

ھوسڙي  لڳ ڳوٺ درياخان سولنگي ۾ پورھيت جاويد ولد ميرمحمد سولنگي جي ڪکائين گھر کي رڌڻي ۾ رڌ پچاءَ ڪندي چلھ مان نڪرندڙ چڻنگ سبب باهه لڳي وئي جنهن  الھ تلھ رک ڪري ڇڏيو.متاثر پورھيت جاويد سولنگي مدد لاء اپيل ڪندي چيو ته آئون ھڪ غريب پورھيت آھيان منجھند جي ماني ڪرڻ لاء منهنجي گھر واري چلھ ۾ باھ ٻاري ته اوچتو چلھ مان چڻنگ نڪتي ۽ ڪکائين رڌڻي سميت گھرکي باھ لڳي وئي جنهن جي ڪري چڻنگ باھ جي شعلن جي صورت اختيار ڪندي اجھو ساڙي رک ڪري ڇڏيو.ھن چيو ته منهنجي گھر ۾ پيل ھنڌ.بسترا.پيتيون.ڪپڙا ۽ ٻيو قيمتي سامان سڀ سڙي  رک ٿي ويو آھي.پورھيت ڪمشنر حيدرآباد سميت پي ايس 64 ۽ اين اي 226 جي چونڊيل ميمبرن کي مالي مدد جي اپيل ڪئي آهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.