بدين ويجهو پرائمري اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب هڪ شاگرد زخمي

بدين ويجهو گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ ولي محمد شاھاڻي ۾پڙھائي دوران  اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، ھڪ ٻارڙو شنڪر ڪولھي ولد ارجن ڪولھي. معمولي زخمي ٿي پيو، چاپڙ ڪرڻ سبب ٻارڙن  ۾ ڀاڄ پئجي وئي، ٻارڙا خوف ۽  حراس ۾ وٺجي ويا،ان موقعي تي استاد ۽ ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اسڪول بلڊنگ جي گذريل 18 سالن کان مرمت نه ٿيڻ ڪري اسڪول جي  حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، ڪنھن وقت به جاني نقصان جو خطرو آهي، اسڪول بلڊنگ جي مرمت لاءِ سيشن جج جي نوٽيس وٺڻ باوجود بلڊنگ جي مرمت جو ڪم نه ٿي سگهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.