گهوٽڪي:قومپرست لطيف سنڌوجي نياڻين کي مبينا اغوا جي ڪوشش،احتجاج جواعلان

گهوٽڪي جي قومپرست اڳواڻ لطيف سنڌو جي نياڻين کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش خلاف قومپرست اڳواڻن پاران پريس ڪانفرس ڪري پوري ضلعي ۾ احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪيو ويو، قوم پرست اڳواڻ لطيف سنڌو جي گهر واري مائي افروز ميمڻ , ڌي زينت ميمڻ ۽ پٽ عمير ميمڻ گهوٽڪي جي سياسي سماجي اڳواڻن نصرالله ڪلادي , استاد محبوب گهوٽو ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪلب گهوٽڪي ۾ پريس ڪانفرس ڪندي چيو ته گذريل رات گلزار آرائين , اعجاز ميمڻ , سجاد ۽ جاويد ميمڻ هٿيار بند ساڻ ڪري نياڻي زينت ميمڻ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي , ان موقعي تي قومپرست اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته لطيف سنڌو سنڌ جو جاکوڙي قوم پرست اڳواڻ هو , سندس هاڻ خاندان سان ٿيندڙ ويڌن تي خاموش نه رهنداسين , هنن چيو ته گهوٽڪي پوليس نياڻي جي اغوا جي ايف آء آر داخل ڪرڻ بدران جوابدارن جي ونگارو بڻيل آهي , هنن چيو ته جيڪڏهن لطيف سنڌو جي نياڻي کي اغوا ڪندڙن مٿان 24 ڪلاڪن اندر ايف آء آر داخل ڪري گرفتار نه ڪيو ويو ته پوري ضلعي اندر احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.