پي سي بي نئين سِي اِي او جي لاءِ اشتهار ڏئي ڇڏيو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وسيم خان جي استعيفيٰ کانپوءِ چيف ايگزيڪيوٽو جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي.

پي سي بي ايگزيڪيوٽو آفيسر جي ڳولا جي لاءِ اشتهار ڏئي ڇڏيو آهي جنهن کانپوءِ عهدي جا خواهشمند ۽ معيار تي پورا رهندڙ اميدوار 27 آڪٽوبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهندا.

ايگزيڪيوٽو آفيسر جي عهدي جي لاءِ شروعات ۾ مدو ٽن سالن جو رکيو ويو آهي، بورڊ ۾ سي اِي او جو عهدو هن وقت خالي آهي، جڏهن ته سي اِي او سلمان نصير کي قائم مقام چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.

وسيم اڪرم جي عهدي جو مدو 2022 ۾ ختم ٿيڻو هو پر چيئرمين رميز راجا ۽ وسيم خان ۾ اختيارن جي معاملي تي اختلاف پيدا ٿيا ۽ وسيم خان اختيارن ۾ گهٽتائي ڏسندي مدو ختم ٿيڻ کان اڳ ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.