سنڌ ۽ پنجاب جي اٽي ۾ فرق! سعيد غني وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته گورنر کي شايد ڪڻڪ جي پيداوار، ان جي کپت ۽ پروڪيورمينٽ جي حوالي سان ڪا ڄاڻ ناهي، کيس خبر هجي ها ته پنهنجي حڪومت جي نالائقي لڪائڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون نه ڪري ها.

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي ڪڻڪ اگهن بابت بيان تي ردعمل ڏيندي سعيد غني پنهنجي ويڊيو بيان ۾ چيو ته ملڪي کپت 2 ڪروڙ 80 لک ميٽرڪ ٽن، جڏهن ته پيداوار 2 ڪروڙ 70 لک ٽن آهي ۽ ان مان 2 ڪروڙ ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پنجاب ۾ پيدا ٿيندي آهي.

هن چيو ته پنجاب ۾ ضرورت کان وڌيڪ ڪڻڪ جي پيداوار باوجود اتي اٽي جي کوٽ ۽ اگهن ۾ واڌ گورنر صاحب کي نظر نه پئي اچي، پنجاب ۾ جيڪو اٽو استعمال ٿيندو آهي، اهو ڪراچي ۾ استعمال ناهي ٿيندو ۽ جيڪو فائن اٽو هتي استعمال ٿي رهيو آهي، ان جي قيمت پنجاب ۾ به 70 رپين کان وڌيڪ آهي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت 15 آڪٽوبر کان پروڪيورمنٽ ڪيل 12 لک ٽن ڪڻڪ رليز ڪرڻ شروع ڪري رهي آهي، ڪڻڪ رليز ٿيڻ کانپوءِ اگهن ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي ويندي.

سعيد غني ٻڌايو ته پروڪيورمنٽ جو مقصد آخري 5 مهينن ۾ اٽي جي اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي، سنڌ حڪومت گذريل سال ۽ هن سال به دانشمندي سان فيصلا ڪيا آهن.

واضح رهي ته سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته پنجاب ۾ 55 رپيا ڪلو اٽو موجود آهي پر سنڌ ۾ 74 رپيا ڪلو ملي رهيو آهي، اٽي جي مهانگي فراهمي جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.