افسوس يا حيران ڪندڙ؟ مڙس گهرواري کي اسپتال ۾ طلاق ڏئي ڇڏي

رياض(ويب ڊيسڪ) هن وقت تائين عجيب غريب شادين جي باري ۾ ته گهڻو ڪجهه ٻڌندا آيا آهيون پر انهن جي ڀيٽ ۾ حيران ڪندڙ طلاقون گهٽ ئي ڏٺيون ٻڌيون آهن.

پر سعودي عرب ۾ هڪ عورت سان اهڙو حيران ڪندڙ واقعو پيش آيو آهي جو مڙس کي اوچتو طلاق ڏئي ڇڏي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڄاڻايل شخص ٽئين شادي وقت گهرواري جي اڳيان اهو شرط رکيو هو ته اها ان شادي کي راز ئي رکندي ۽ ان شخص جي گهر ۾ ڪنهن کي به خبر پوڻ نه ڏيندي ته هوءَ ان جي گهرواري آهي.

ميڊيا رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سعودي شهري اهو شرط انڪري رکيو هو ته اهو اڳ ۾ ئي شادي شده هو ۽ ان جون ٻه گهرواريون هيون، تنهن هوندي به شادي جي ٿوري ئي عرصي کانپوءِ ئي هو بيمار ٿي پيو ۽ انکي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو.

ڄاڻايل شخص جي گهرواري مڙس جي بيماري جي خبر ٻڌي فوري طور تي اسپتال پهتي پر مڙس جو ردعمل ڏسي عورت دنگ رهجي وئي.

اسپتال ۾ پهچندي هن ڏٺو ته سندس مڙس جو ٻه گهرواريون اڳواٽ ئي ان وٽ موجود هيون جيڪي ٽئين گهرواري کي ڏسي سخت ڪاوڙجي پيون جنهن ڪري گهروارين جي چوڻ تي ۽ ان راز کي راز نه رکڻ جي ڪري مڙس ٽئين گهرواري کي طلاق ڏئي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.